اسلام آباد

قومي سلامتي بابت خصوصي ڪميٽي گهرو وزارت کان نيشنل ڪائونٽر ٽيررزم اٿارٽي قائم ڪرڻ ۽ اينٽي ٽيررزم ايڪٽ جو مسودو طلب ڪري ورتو

Islamabadاسلام آباد : قومي سلامتي بابت خصوصي ڪميٽي گهرو وزارت کان نيشنل ڪائونٽر ٽيررزم اٿارٽي قائم ڪرڻ ۽ اينٽي ٽيررزم ايڪٽ جو مسودو طلب ڪندي چيو آهي ته ڪميٽي ان جو جائزو وٺي حڪومت کي سفارشون پيش ڪندي جڏهن ته ڪميٽي گهرو وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته پرڏيهين کي پاڪستاني ويزا جاري ڪرڻ وارو معاملو به ون ونڊو طريقيڪار تحت پرڏيهي آفيس جي ذريعي طئي ڪيو وڃي ۽ پارليامينٽ جي قراردادن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. ڪميٽي جو اجلاس سومر ڏينهن ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر ميان رضا رباني جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت پرڏيهي معاملن جي مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر ميان رضا رباني صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي ۾ مملڪتي وزير حنا رباني پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ موجوده صورتحال ۾ حڪومت پاران کنيل قدمن جي باري ۾ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ دفاع واري وزارت جو نقطه نظر ڄاڻڻ لاءِ کين گهرايو ويندو. هن چيو ته پرڏيهي معاملن واري وزارت ۽ دفاع واري وزارت جي موقف کي نظر ۾ رکندي ڪميٽي حڪومت لاءِ سفارشون جوڙيندي. ڪميٽي پرڏيهي معاملن واري وزارت تي زور ڏنو ته پارليامينٽ جي قراردادن تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو وڃي. ڪميٽي پرڏيهي معاملن واري وزارت کي به چيو آهي ته 63 سفارشن تي به عملدرآمد ڪري. ڪميٽي ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته پاڪستان جي اسٽريٽجڪ مفادن کي سڀني پاليسين ۾ بنيادي اهميت ڏني وڃي. ڪميٽي پرڏيهي وزارت کي چيو آهي ته پرڏيهين کي پاڪستاني ويزا جاري ڪرڻ واري معاملي کي به ون ونڊو ذريعي پرڏيهي آفيس جي ذريعي اڪلايو وڃي
اي پي پي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button