ڪراچي

قاضي اسد عابد کي سنڌ جي نمائندي طور پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبر طور مقرر ڪيو ويو

ASAD SBS PHOTO SAQIBڪراچي: حڪومت پاڪستان، عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ ايڊيٽر انچيف قاضي اسد عابد کي سنڌ صوبي جي نمائندي طور پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبر طور نامزد ڪندي فوري طور تي اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اهو نوٽيفڪيشن ٽن سالن تائين جاري رهندو. هوڏانهن سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق، صوبائي وزير سسئي پليجو، ايم پي اي راءِ ناز بوزردار ۽ صوبائي وزير عبدالحق ڀرٽ چيئرمين عبرت گروپ آف پبليڪيشن قاضي اسد عابد کي حڪومت پاڪستان پاران پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبر طور ٽن سالن لاءِ مقرر ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته قاضي اسد عابد هميشه وانگر پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو، صوبائي وزيرن وڌيڪ چيو ته هونئن به قاضي اسد عابد هر دور ۾ صحافت جي ترقي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، عوام ۽ صحافت کي ويجهو آڻڻ ۾ پڻ سندس خدمتون نمايان آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button