فيصلا
ليکڪ: ڊاڪٽرا موسيٰ رضا
ڪراچي ۾ ڪمشنري نظام جي بحالي موثر انتظاميا جي لاءِ ضروري آھي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف ڪراچي سميت پوري ملڪ ۾ جيڪو بلدياتي نظام متعارف ڪرايو ھو، ان جا مثبت نتيجا ڪٿي بھ ڏسڻ ۾ نھ آيا آھن، پرپوءِ شھري حڪومتن ۾ ناظمن جي ڪرپشن ۽ بدعنواني جي کليل داستانن جي قيمت ملڪ ۽ قوم کي اربين رپين جي صورت ۾ چڪائڻي پئي ھئي. ضلعي حڪومتون حقيقت ۾ فوجي آمرن جي ھڪ پناھگاھھ ھوندي آھي، ھر فوجي آمر بلدياتي نظام کي پنھنجي مقصدن جي لاءِ موم جو نڪ بڻائي وٺي ٿو. صدر ايوب بنيادي جمھوريتن جو نظام سياستدانن کي عملي سياست کان ٻاھر ڪڍڻ ۽ پنھنجون جڙون ھيٺين سطح تائين کڻي وڃڻ جي لاءِ متعارف ڪرايو ھُيو. جنرل ضياءَ الحق جي طرفان جيڪو بلدياتي نظام متعارف ڪرايو ويو ھو ان جو بنيادي مقصد بھ غير قانوني ۽ غير آئيني حڪومت کي سھارو ڏيڻ ھُيو. اڳوڻي صدر پرويز مشرف بھ ان ئي روايت تي عمل ڪندي ضلعي حڪومتن جو جيڪو نظام متعارف ڪرايو ان رياستي ۽ حڪومتي ڍانچي جون ڪمزوريون بري ريت ظاھر ڪري ڇڏيون، مرڪزي حڪومت چئني صوبن ۾ ضلعي ناظمن جي حمايت جي لاءِ ان کي نھ رڳو سياسي حوالن کان فائدا پھچائڻ تي مجبور ھئي پر ان نظام جي پردي جي پويان ٿيندڙ بدعنوانين ۽ ڪرپشن کي بھ نظرانداز ڪرڻو پوي پيو ۽ ائين ٿيندو رھيو آھي. ڪراچي ۾ مختلف قومن جي حامل ماڻھن کي قومي يڪجھتي جي لڙھي ۾ پوئڻ جي لاءِ ڪمشنري نظام جي بحالي ان لاءِ بھ ضروري آھي تھ سرڪاري انتظاميا سمورن شھرين کي ھڪجھڙي نظر سان ڏسي ٿي ۽ شھري حڪومتون سياسي منتظمين وانگر پنھنجي سياسي مقصدن جي لاءِ انصاف کي نظرانداز ڪرڻ جي متحمل نھ ٿيون ٿي سگھن. ايم ڪيو ايم کي ڪراچي ۾ ڪمشنري نظام جي بحاليءَ تي يقينن اعتراض ھوندو ۽ ان جا تحفظات بھ ھوندا، پرپوءِ شھر ۾ امن امان جي بحاليءَ ۽ مسئلن جي حل لاءِ ايم ڪيو ايم جھڙي مڊل ڪلاس طبقي جي تعليم يافتا قيادت تي ٻڌل سياسي پارٽي کي اھو نظام قبول ڪرڻو پوندو انھيءَ ۾ سڀني جو ڀلو آھي ۽ ڪراچي جھڙي ملڪي معيشت جي ساھھ واري رڳ چورائيندڙ ٻن ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي تي ٻڌل شھر ۾ ڪمشنري نظام نھ صرف ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ موثر انتظاميا جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو پر ڪيترن ئي انتظامي يونٽن سبب امن امان جي مسئلن تي بھ بھتر طريقي سان ضابطو آڻي سگھبو.
صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي سربراھي ۾ ڪراچي جي صورتحال تي ٿيل اجلاس ۾ ڪافي سٺا ۽ اھم فيصلا ڪيا ويا آھن. صدر مملڪت اھو بھ واضح ڪري ڇڏيو آھي تھ شھر ۾ امن جي قيام لاءِ ۽ عام شھرين جي زندگين جي تحفظ لاءِ حڪومت پنھنجو ڪردار ادا ڪندي، شرپسندن کي چاھي انھن جو تعلق ڪنھن بھ پارٽي سان ھجي بنا فرق قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو. قومي اتفاق راءِ جي پاليسي تي عمل ڪندي ڪراچي جي سمورن شراڪتدارن ۽ سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي فيصلا ڪيا ويندا، ايم ڪيو ايم، عوامي نيشنل پارٽي، پاڪستان پيپلزپارٽي، بلوچ آبادي سميت سمورين ڌُرين سان گڏجي ڪراچي ۾ دھشتگردي جي خاتمي جي لاءِ قدم کنيا ويندا. ھڪ ٻيو بنيادي فيصلو سنڌ ۾ منظور وساڻ کي گھرو وزير بڻائڻ جو آھي، منظور وساڻ صوبي جي ھڪ معتبر سياسي شخصيت آھي، سندس خاندان جنرل ضياءَ الحق کان وٺي جنرل پرويز مشرف جي دور تائين ھميشھ مضبوط قدمن سان شھيد قائد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد راڻي محترمھ بينظير ڀٽو ۽ ھاڻي آصف علي زرداري سان گڏ بيٺل ھلندو پيو اچي. گذريل حڪومت ۾ ھي قومي اسيمبلي ميمبر ھو، گذريل عام چونڊن ۾ جنھن جي نتيجي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت جُڙي ھن سنڌ اسيمبلي جي سيٽ جي لاءِ چونڊ وڙھي ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. منظور وساڻ کي انتظامي طور تي ھڪ مضبوط ۽ مستحڪم رھنما/ سمجھو وڃي ٿو. ھن واضح ڪيو آھي تھ ڪراچي ۾ امن جي قيام جي لاءِ سمورا درڪار قدم کنيا ويندا، سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان فيصلا ٿيندا ۽ ڪراچي شھر ۾ ٻيھر امن امان بحال ڪيو ويندو…