ٺٽو

فشرفوڪ فورم پاران شهر ذوالفقار آباد لاءِ زمينون خالي ڪرائڻ خلاف مزاحمت جو اعلان

Map of Sindh Zulfiqarabad City Thattaٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ضلعي ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۾ اعلانيل نئون شهر ذوالفقار آباد جي اڏاوت خلاف فشرفوڪ فورم پاران سامونڊي علائقي ۾ مهم شروع، کاروڇاڻ ۾ مقامي رهواسين جو ميڙاڪو پنهنجون اباڻيون زمينون نه ڇڏڻ ۽ ڌارين جي امڪاني طور تي سامونڊي پٽي ۾ زمينون خريد ڪرڻ خلاف احتجاج جو چتاءُ. ضلعي ٺٽي جي سامونڊي پٽي جي تعلقي ڪيٽي بندر ، کاروڇاڻ، شاهبندر ۽ جاتي جي 3 لک 28 هزار زميني ايراضي تي اعلانيل نئين جديد شهر ذوالفقار آباد کي سرڪار پاران جوڙائڻ جي ڪيل تيارين کان پوءِ سامونڊي پٽي جي رهواسين پاران پنهنجي پاڻ کي امڪاني طور تي بيدخل ڪرڻ جي سازشن کي سامهون رکندي ان عمل خلاف سخت مزاحمت ڪرڻ جو اعلان ڪيو
آهي. ان ڏس ۾ فشرفوڪ فورم پاران کاروڇاڻ ۾ مقامي رهواسين توڙي مهاڻن جو ميڙاڪو سڏايو ويو، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ کارڇاڻ جي رهواسين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي فشرفوڪ فورم ضلعي ٺٽي جي صدر گلاب شاهه، اميربخش جت، نور محمد ٿيهمور، يعقوب اوٺو ۽ ٻين چيو ته لکين ايڪڙ ايراضي تي سرڪار پاران اعلانيل نئون شهر ذوالفقار آباد ڌارين کي آباد ڪرڻ ۽ اسان مقامي رهواسين کي بيدخل ڪرڻ جو شهر آهي. هنن چيو ته سامونڊي پٽي ۾ اسان صدين کان آباد آهيون جتي اباڻا ڳوٺ قبرستان، زمينون موجود آهن تنهنڪري هو ڪراچي جيان پنهنجي سامونڊي پٽي کي هرگز نه ڇڏيندا ۽ نه وري پنهنجون زمينون ۽ عزيزن توڙي پيارن جو قبرون ڌارين حوالي ڪندا. هنن چيو ته هو ان نئين شهر کي بين الاقوامي ملٽي نيشنل ڪمپنين، دنيا جي امير ماڻهن کي آباد ڪرڻ جو شهر قرار ڏيندي پوري سامونڊي پٽي جي رهواسين کي مهم هلائي سجاڳ ڪري سخت کان سخت احتجاجي تحريڪ هلائيندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button