آرٽيڪل

عوامي حڪومت ۽ صوبائي خودمختياري

ليکڪ: ياسر بخاري
Democracyموجودھھ عوامي حڪومت 2013ع ۾ پنھنجو آئيني مدو پورو ڪري جڏھن عوام جي عدالت ۾ ويندي تھ پاڪستان جي تاريخ ۾ ھڪ ٻئي شاندار باب جو اضافو ٿي چڪو ھوندو، ڇوتھ پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني چيئرمين شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ پ پ پ جي شريڪ چيئرمين صدر آصف علي زرداري جي ئي قيادت ۾ ھيءَ ٻي عوامي جمھوري حڪومت ھوندي جنھن پنھنجو آئيني مدو پورو ڪيو ھوندو، ملڪي تاريخ شاھد آھي تھ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي صدر آصف علي زرداري تائين جو ڪٺن سفر پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن وڏي حوصلي، لگن ۽ بھادري سان طئي ڪيو ۽ ڪڏھن بھ ڪنھن آمر جو سھارو وٺڻ جي بدران ھميشھ عوامي جدوجھد تي يقين رکيو. ملڪي تاريخ شاھد آھي تھ عوام بھ ڪڏھن پاڪستان پيپلزپارٽي جو ساٿ نھ ڇڏيو، انھيءَ جي ڪري تھ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پ پ پ جي منشور ۾ عوام کي طاقت جو سرچشمو قرار ڏنو ھو. پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ عوام جو رشتو جيستائين پاڪستان آھي قائم رھندو، ڇوتھ پ پ پ جي قيادت شھادتون تھ قبوليون پر ڪڏھن عوام جي حقن ۽ مفادن جو سودو ناھي ڪيو ۽ ھميشھ اھڙي پاليسي اختيار ڪئي جنھن جو براھ راست فائدو عوام کي ٿيو. ملڪ جي تاريخ شاھد آھي تھ پاڪستان پيپلزپارٽي جي خلاف مخالفن جي طرفان لڳايا ويندڙ ڪوڙا الزام ڪڏھن بھ ثابت نھ ڪري سگھيا ويا ۽ نھ ئي عوام پ پ پ جي قيادت جي خلاف ڪوڙي پروپئگنڊا کي قبول ڪيو ۽ عوام ھميشھ پ پ پ ۽ سندس قيادت تي ڀرپور اعتماد برقرار رکيو. موجودھھ عوامي حڪومت جڏھن قائم ٿي تھ بلا شبھا وطن عزيز ڳمڀير مسئلن جو شڪار ھڪ چوراھي تي بيٺو ھو. وطن عزيز تي ڊگھي عرصي تائين مڙھيل آمريت ملڪ کي اقتصادي طور تي ڏيوالپڻ جي ڪناري تي ڇڏيو ھو ۽ دھشتگردي جو ديوُ منھن کولي ملڪ ۽ ملڪ جي عوام ڏانھن وڌي رھيو ھو، انھيءَ دھشتگردي پاڪستان جي ھر دلعزيز رھنماءَ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن محترمھ بينظير ڀٽو کي شھادت جو جام پياري ڇڏيو. اھڙن بحرانن ۾ عوام پوءِ پ پ پ ۽ سندس قيادت تي اعتماد ڪيو. موجودھھ عوامي حڪومت جا گذريل 3 سال شاھد آھن تھ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني مفاھمت جي اھڙي پائيدار پاليسي اختيار ڪئي جو انتشار جو شڪار قوم ۽ سياسي پارٽين کي متحد ڪري گڏيل سوچ ويچار ۽ صلاح مشوري سان سمورن ملڪي مسئلن کي اتفاق راءِ سان حل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، جنھن جي ڪري اڄ قوم متحد ۽ ملڪ اقتصادي ميدان ۾ پنھنجي پيرن تي بيھي چڪو آھي، سڀ کان وڌيڪ اھو تھ عوامي حڪومت ٻھ ڀاٽي ٽي اڪثريت نھ ھجڻ باوجود ))اتفاق ۾ برڪت آھي(( جي ڪھاوت کي سچ ڪري ڏيکاريو ۽ وسيع تر قومي مفاد جي پاليسي سان 3791ع جو آئين پنھنجي اصل شڪل ۽ روح سان بحال ڪري ڇڏيو. اھو ئي نھ ان ۾ 81ھين ترميم کي بھ متفقھ طور تي منظور ڪرائي ھن قوم تي اھڙو احسان ڪيو جو جنھن سبب اڄ قوم کي اھو ڏسڻ نصيب ٿيو تھ 71 وفاقي وزارتون صوبن ڏانھن منتقل ٿي چڪيون آھن ۽ اڄ صوبا ايترا خودمختيار آھن جو آئيندھھ عوام کي سندن در تي سندن حق ملندا. اھا ھڪ حقيقت آھي تھ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو 3791ع جي آئين ۾ پاڪستان جي اڪائين يعني صوبن کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي راھھ متعين ڪئي ھئي ۽ اھو ڪم طئي ٿيل شيڊول تحت ٿيڻو ھو پر تاريخ شاھد آھي تھ ان وقت وطن عزيز تي مڙھيل بدترين آمريت عوام جو اھو خواب پورو نھ ٿيڻ ڏنو، ان کان پھريان بھ اھڙي ئي آمرن جي پاليسين ملڪي اڪائين کي ايترو نقصان پھچايو جو ملڪ ٻھ ٽڪر ٿي ويو، انھيءَ ڪري وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آھي تھ جيڪڏھن .4 سال پھريان صوبن کي سندن حق ۽ خودمختياري ڏني وڃي ھا تھ اوڀر پاڪستان وارو سانحو پيش نھ اچي ھا. وزيراعظم جي ان ڳالھھ تي بھ اتفاق ڪري سگھون ٿا تھ ماضي ۾ قائم ٿيل ٻھ ڀاٽي ٽي اڪثريت رکندڙ حڪومت بھ اُھو نھ ڪري سگھي جيڪو سندس رھنمائي ۾ موجودھھ عوامي حڪومت جي مفاھمتي پاليسي ڪري ڏيکاريو آھي، ان جي لاءِ تھ عوامي حڪومت پھرين جولاءِ تي صوبائي خودمختياري جو ڏھاڙو ملھايو، جنھن ۾ عوام ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ سڪون جو ساھھ کنيو تھ آئيندھھ ڪابھ حڪومت سندن حق لتاڙي نھ سگھندي ڇوتھ عوام کي اھو احساس ٿي رھيو آھي تھ 3791ع وارو آئين پنھنجي حقيقي روح سان بحال ٿي چڪو آھي، جنھن مان اميد ڪري سگھجي ٿي تھ آئيندھھ ڪوبھ آمر اِن آئين کي ٽوڙڻ جي ھمت ۽ جرئت نھ ڪري سگھندو. انھيءَ لاءِ تھ سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير محترمھ فردوس عاشق اعواڻ ۽ 81ھين ترميم عملدرآمد ڪميشن جي چيئرمين ميان رضا رباني گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي صوبن کي اختيارن جي منتقلي جي عمل کي پارليامينٽ، سياسي پارٽين ۽ حڪومت جي تاريخي ڪاميابي ۽ ڪارنامو قرار ڏنو ڇوتھ ان عمل سان 71 وزارتون مڪمل ۽ ٽي جزوي طور تي صوبن ڏانھن منتقل ٿي چڪيون آھن، جڏھن تھ ڪنڪرنٽ لسٽ جو خاتمو عوامي راحت جو ڪارڻ آھي، جنھن جي ڪري نھ صرف وفاق پر ان جون سموريون اڪائيون مضبوط ۽ مستحڪم ٿينديون. ان ۾ بھ ڪو شڪ ناھي تھ 81ھين ترميم تي عملدرآمد سان ملڪ ۾ علحدگي پسند تحريڪون پنھنجو موت پاڻ مري وينديون ۽ پاڪستان پھرين کان وڌيڪ مضبوط ۽ جمھوري ملڪ بڻجي اُڀرندو، ھاڻي صوبا ۽ انھن جو عوام مرڪز تي پنھنجي احساس محرومي يا وسيلن جي کوٽ جو الزام نھ لڳائي سگھندو، ڇوتھ وفاق پھرين ئي متفقھ قومي مالياتي ايوارڊ ڪميشن جي ذريعي قابل ونڊ وسيلن مان صوبن کي وڌ کان وڌ حصو ڏئي ڇڏيو آھي، جنھن تحت آئيندھھ صوبا ملڪي قابل ونڊ وسيلن مان 75 سيڪڙو حاصل ڪري سگھندا. لھذا ھاڻي صوبائي حڪومتن جي ذميواري ھوندي تھ اُھي وفاق مان ملندڙ صوبائي خودمختياري تحت پنھنجي عوام کي مطمئن ڪن ۽ سندن مسئلا حل ڪن تھ جيئن عوام صوبائي خودمختياري جي حقيقي ثمرن مان لاڀ لھي سگھي، ڇوتھ عوام خوشحال ھوندو تھ ملڪ خوشحال ۽ ترقي جي راھھ تي ھلندو رھندو…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button