علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ليٽ في آخري تاريخ 26 جولاءِ مقرر ڪئي وئي
سکر: علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ريجنل سينٽر سکر جي اسسٽنٽ ريجنل ڊائريڪٽر سکر پڌرو ڪيو آهي ته سيميسٽر خزان 2011 ۾ تمام پوسٽ گريجوئيٽ پروگرامن ۾ داخلا فارم جمح ڪرائڻ جي آخري تاريخ هڪ هزار (-/1000) روپيا ليٽ فيس چارجز سان گڏ 26 جولاءِ 2011 تائين وڌائي ويئي آهي. پڌرائيءَ مطابق علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي نئين سيميسٽر خزان 2011 ۾ پي ايڇ ڊي جي سطح تي اردو، اسلامڪ اسٽڊيز، اقبال اسٽڊيز ۽ پاڪستاني ٻولين ۽ ادب ( پشتو، بلوچي، براهوي، سنڌي، سرائيڪي ۽ پنجابي ٻولين ۾ ) داخلائون پوري ملڪ ۾ جاري آهن. جڏهن ته پي ايڇ ڊي ، ايم اي، ايم فل سطح تي پيش ڪرڻ وارا ڪيمسٽري پروگرام ۾ صرف اسلام آباد جا اميدوار ئي داخلا حاصل ڪري سگهن ٿا. نئين سيميسٽر ۾ ايم ايس سي سطح تي پيش ٿيڻ وارن پروگرامن ۾ معاشيات، مطالعه پاڪستان، جينڊر اينڊ وومين اسٽيڊيز ۽ ڪميونٽي هيلٿ اينڊ نيوٽريشن شامل آهن. سيميسٽر خزان 2011 ۾ پيش ٿيڻ وارن پروگرامن ۾ ڪامن ويلٿ آف لرننگ جي تحت شروع ڪيا ويا. ايم بي اي/ ايم پي اي پروگرامن، ايم اي جي سطح تي عربي، اسلاميات ۽ اردو پروگرامن ۾ داخلائون به جاري ڪيون ويون آهن. اهڙيءَ طرح نئين سيميسٽر ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلومه ( پي جي ڊي) سطح تي ڊائي ٽيٽڪس ڪميونٽي لاءِ نرسز/ هوم اڪنامڪس، نيوٽريشن ۾ به داخلائون جاري آهن.