ٺٽو

ضلعي ٺٽي ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ سبب آبادگار ۽ هارين جي چيلهه چٻي ٿي پئي آهي: آبادگار

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ۾ آبادگارن، هارين ۽ مختلف قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن جو زرعي ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ، هٿرادو وڌايل اگهن ۽ سنڌ حڪومت پاران 10 هزار ٻوريون متاثر آبادگارن توڙي هارين ۾ نه ورهائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، سنڌ آبادگار بورڊ، ايس يو پي ۽ عوامي تحريڪ ٺٽو پاران رڪشا اسٽاپ کان ڪڍيل احتجاجي ريلي ۾ شامل ڪارڪنن هارين ۽ آبادگارن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جيڪي مختلف هنڌن تان زوردار نعريبازي ڪندي پريس ڪلب ٺتو اڳيان پهچي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ شفيع ڪرناڻي، سنڌ آبادگار بورڊ جي عبدالرحمان کٽي، حاجي انور ڪرناڻي ، عوامي تحريڪ جي مٺا خان لاشاري، حاجي صاحب خان کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ضلعي ٺٽي ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ سبب آبادگار ۽ هارين جي چيلهه چٻي ٿي پئي آهي ، هنن چيو ته اڳوڻي سال آيل وڏي ٻوڏ سبب هن وقت تائين آبادگار ۽ هاري معاشي بدحالي کي منهن ڏيئي رهيا آهن، هنن اهو به چيو ته ضلعي ٺٽي لاءِ سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ متاثر آبادگارن ۽ هارين لاءِ اماڻيل 10 هزار ڀاڻ جون ٻوريون من پسند ماڻهن بجاءِ حقيقي هارين ۽ ٻوڏ متاثرن کي ورهائي ڏنيون وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button