صبر کان ڪم وٺون پيا، اسان کي ظفر قريشي سمري تي وزيراعظم جو رد عمل کپي:چيف جسٽس
اسلام آباد سپريم ڪورٽ اين آئي سي ايل ڪيس ۾ ظفر قريشي کي جاچ تان هٽائڻ واري سمري تي وزيراعظم جي رد عمل بابت تفصيل طلب ڪندي چيو آهي ته اسان اڃان صبر کان ڪم وٺي رهيا آهيون اسان نٿا چاهيون ته صورتحال گهڻو اڳتي وڃي. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ جسٽس غلام رباني تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪالهه اين آئي سي ايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي انهي ڪيس ۾ اٽارني جنرل پيش ٿيو جنهن عدالت کان استدعا ڪئي ته هن ڪيس ۾ وڌيڪ مهلت ڏني وڃي جئين آئون انهي معاملي تي لاڳاپيل اختيارين کان وڌيڪ تفصيل معلوم ڪري سگهان، وزيراعظم ملڪ کان ٻاهر ويو آهي جيڪو 22 جولائي تي واپس ايندو. انهي تي چيف جسٽس چيو ته عدالت هن معاملي تي صبر جو مظاهرو ڪري رهي آهي،چيف جسٽس انهي موقعي تي آرڊر جاري ڪندي چيو آهي ته هن ڪيس سان لاڳاپيل سمورا تفصيل فراهم ڪيا وڃن،عدالت چيو ته جيڪي چار ايف آئي آرز داخل ڪيون ويون آهن انهن تي ڪارروائي جا تفصيل به فراهم ڪيا وڃن،چيف جسٽس چيو ته اسانکي رڳو نوٽس يا جواب نه کپن پر هي معاملو سنجيده آهي اسان کي ظفرقريشي جي سمري تي وزيراعظم جو رد عمل کپي اهو لفظ اسان احتياط طور استعمال ڪري رهيا آهيون اسان کي ظفر قريشي جي معاملي تي وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري، گھرو سيڪريٽري، اسٽيبلشمنيٽ جي هاڻوڪي توڙي اڳوڻي سيڪريٽري جو موقف کپي،عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي ته هن ڪيس ۾ ڪيتري اڳڀرائي ٿي آهي ڪيتروپئسو ملڪ کان ٻاهر ويو آهي، ڪيترو پئسو واپس ٿيو ڪيترا جوابدار گرفتار ٿيا آهن ڪيترا جوابدار مفرور آهن، انهي بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 25 جولائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ