سکر
سکر ۾ واپڊا عملدار بي تاج بادشاه بڻجي ويا
سکر(بيورورپورٽ)سکر ۾ واپڊا عملدار بي تاج بادشاه بڻجي ويا آهن عوام ڏانهن مرضي سان واڌو يونٽ ۽ ڊڊڪشن وارا بل اماڻي کين پريشان ڪيو پيو وڃي غريب ۽ متاثر ماڻهو جڏهن واسطيدار سب ڊويزن جي آفيسن مان رانگ ريڊنگ جا ليٽر ٺهرائي روينيو آفيسر وٽ ويندا آهن ته کين هفتن جا هفتا چڪر لڳرائي کين اذيت جو شڪار بڻايو وڃي ٿو ٻئي پاسي رهواسين جي هڪ وفد غلام فريد جي اڳواڻي ۾ دانهيندي ٻڌايو ته سب ڊيزن 4 جابااثرلائين مڳن شهمير ۽ جبار لٽ مار جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن جن بابت عوام ٻڌايو ته سندن 8 ڀيرا ٽرانسفر ٿي آهي پر بااثر ماڻهو جو آشيرواد هجڻ ڪري انهن جون ٽرانسفر رڪجي وڃن ٿيون هو منٿليون وٺي خود پنهنجي کاتي کي لکين روپين جو نقصان پهچائي رهيا آهن .