مختصر خبرون
سکر پوليس پاران 2 1 سالن جي نينگر فياض جانوري سميت 4 ڄڻن کي مبينه طور ڌاڙيل قرار ڏئي مارڻ کان پوءِ وارثن جو احتجاج جاري
سکر(بيورورپورٽ)سکر پوليس پاران ڪنڌرا ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي شير جانوري ۾ 2 1 سالن جي نينگر فياض جانوري سميت 4 ڄڻن کي مبينه طور ڌاڙيل قرار ڏئي مارڻ کان پوءِ جانوري برادري جي عورتن ۽ مردن قرآن پاڪ کڻي انصاف لاءَ ڪالهه ٻئي ڏينهن به سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ٻاهران احتجاج ڪيو.جنهن دوران ٽريفڪ معطل ٿي وئي پوليس کين عدالت اندر وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ان موقعي تي مقتولن جون وارث عورتون ۽ مردن الزام لڳائيندي پوليس کي قتل جو ذميوار قرار ڏيندي سندن خلاف ايڪشن کڻڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا هنن چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته هو پوليس جي ان وحشياڻي ڪاروائي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪن.