سکر

سکر لڳ ڳوٺ تي پوليس جي چڙهائي ،مقابلي ۾ 2 1 سالن جي نينگر سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

سکر(بيورورپورٽ)سکر لڳ ڳوٺ علي شير جانوري تي پوليس جي چڙهائي ،مقابلي ۾ 2 1 سالن جي نيگر سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هڪ به پوليس اهلڪار زخمي نه ٿيو، جانوري برادري ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر خبر موجب سکر جي ڪنڌرا ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي شير جانوري تي ڊي پي او سکر اعتزاز گورايا جي اڳواڻي ۾ صبح 4 وڳي پوليس ڪڙو چاڙهي ان وقت ڪاروائي ڪئي جڏهن ڳوٺاڻا ننڊ ستل هئا پوليس موجب مارجي ويلن سان مقابلو ٿيو جنهن ۾ 2 1 سالن جو نينگر فياض احمد جانوري،نوجوان عبدالسميع ۽ عبدالحميد حيدر جانوري شامل آهن سندن لاش ڪنڌرا سپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا ماريلن بابت پوليس جو چوڻ آهي ته هو قبائلي جهيڙي سوڌو مختلف ڪيسن ۾ ملوث هئا ٻئي پاسي جانوري برادري موجب ايس ايڇ او ڪنڌرا گذريل رات پئسن جي گهر ڪئي انڪار ڪرڻ تي اسان خلاف آپريشن ڪري 3 ڄڻن کي بي گناهه ماريو ويو اهي جن مٿان ڪوبه ڪيس داخل ڪونه آهي اعلي اختياريون ظلم جو نوٽيس وٺن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button