سکر

سکر بندر وال جي متثرن کي معاوضو سياسيت کان بالاتر ٿي ادا ڪيو ويو: خورشيد شاھ

Khursheed Shahسکر(بيورورپورٽ)وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته سکر بندر وال جي متثرن کي معاوضو سياسيت کان بالاتر ٿي ادا ڪيو ويو آهي من پسند ماڻهن کي نوازڻ جي ڳالهين ۾ ڪا به صداقت ڪونهي بندر وال جي مرمتي ڪم جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ٻوڏ دوران سکر جي عوام سان جيڪو واعدو ڪيو هو سو پورو ڪيو ويو آهي هن آبپاشي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو جاري مرمتي ڪم کي مانيٽر ڪري معياري مٽيريل جو خيال ڪن هو ڪو عام ڪم ڪونهي پر ان سان انساني زندگين جو معاملو آهي ان تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ ان ڏس ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ان موقعي تي ايم پي اي ڊاڪٽر نصرالله به موجود هو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button