سيڪريٽري پاران ٺٽي ضلعي جي 4 سئو کان مٿي پرائمري اسڪولن جي استادن کي رهيل پگهارون فوري طور ادا ڪرڻ خاطري
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ ) سنڌ جي چيف سيڪريٽري راجا محمد عباس ٺٽي ضلعي جي 4 سئو کان مٿي پرائمري اسڪولن جي استادن کي رهيل 8 – 8 مهينن جون پگهارون فوري طور ادا ڪرڻ ۽ ضلعي اندر سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۾ غير مقامي ماڻهن جي ڀرتين واري معاملي جي جاچ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي ، ذوالفقار آباد شهر جي اڏاوت بابت ڊي سي او آفيس مڪلي تي ضلعي انتظاميا سان گڏجاڻي بعد ڊي سي او آفيس ٻاهران احتجاج ڪندڙ پگهارن کان محروم پي ايس ٽي ٽيچرز سان وڃي ملاقات ڪئي ۽سندن مسئلو ٻڌڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ۽ صحت کاتي جي اختيارين کي هدايت ڪئي ته 8 مهينا اڳ ڀرتي ٿيل پرائمري ٽيچرز کي پگهارون فوري طور ڏياريون وڃن ان موقعي تي بيروزگار نوجوان پڻ احتجاج ڪندي چيف سيڪريٽري آڏو دانهيون ته سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏيئي سندن حق تلفي ڪئي پئ وڃي جنهن تي چيف سيڪريٽري کين خاطري ڪرائي ته ان بابت جاچ ڪرائي ويندي ۽ ساڻن انصاف ٿيندو.