سکر

سول سوسائٽي سکر جي صدر پاڪستان ،وزيراعظم ،چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ

Civil Society Sukkurسکر( رپورٽ: عمر سومرو) سکر شهر جي مسئلن جي حل لاءِ خطن موڪلڻ کان پوءِ آخر ڪار سول سوسائٽي سکر جي اڳواڻن جدوجهد ٽيز ڪندي صدر پاڪستان ،وزيراعظم ،چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته هو قوم کي ڪيترن مسئلن ۽ بيمارين جو شڪار بنائيندڙ بجلي جي لوشيڊنگ جي خاتمي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻن ،سکر جو بند پيل ٿرمل پاور اسٽيشن فوري طور تي چالو ڪيو وڃي يا ساڳي هنڌ وڏو پاور پلانٽ لڳايو وڃي سکر جي مقامي هوٽل ۾ سکرسول سوسائٽي جي رابطا ميمبر ڊاڪٽر معين الدين پنهني ساٿين قاري خليل احمد، شڪيل احمد مختيار، ايڊوڪيٽ مقبول اعواڻ الطاف حسين گيلاني،افضال احمد،ظهور احمد ميمڻ،دلاور خان،عبدالوحيد ميمڻ،سردار محمد خان،ملڪ يعقوب ۽ ٻين سان گڏ پر هجوم پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته جمهوريت جي بالادستي ۽ آزاد عدليه جي باوجود 8 1 ڪروڙ عوام بجليءَ جي بدترين لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيئي رهيو آهي. مگر ان جي باوجود ڪوئي به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ملڪ جي اندر ڊگهي عرصي کان جاري آهي. مگر ان کي ختم ڪرڻ لاءِ اڃا تائين سنجيده قدم نه کنيا ويا آهن چيو ته ٿرمل پاور اسٽيشن سکر کي ٻيهر هلائي ڪري لوڊشيڊنگ ۾ ڪنهن حد تائين گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي. 9 9 9 1 ع کان بند ٿرمل پاور اسٽيشن جي ٻيهر بحاليءَ لاءِ چيف جسٽس سميت ڪيترن ئي حڪومتي ادارن کي درخواستون موڪليون ويون آهن. مگر هن وقت تائين ڪنهن به پاور اسٽيشن جي بحالي ۽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪنهن قسم جي ڪوشش نه ورتي ويئي آهي. هنن ٿرمل پاور اسٽيشن نه هلائڻ جي صورت ۾ عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ڄاڻايل پاور اسٽيشن مان گذريل عرصي ۾ 5 3 ميگا واٽ تائين بجلي پيدا ڪئي ويندي هئي. ٿرمل پاور اسٽيشن جا 3 يونٽ بلڪل درست حالت ۾ موجود آهن. جن تي توجهه ڏيئي ڪري انهن مان بجلي حاصل ڪري سگهجي ٿي. هنن اڳوڻي چيف انجينئر واپڊا جي رپورٽ ميڊيا کي پيش ڪندي چيو ته هن رپورٽ ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته ٿرمل پاور اسٽيشن ۾ ڪا به ٽيڪينڪي نقص نه آهي انتظامي معاملا ٺيڪ ڪري حڪومت ان مان 5 3 ميگا واٽ تائين بجلي حاصل ڪري سگهي ٿي. هنن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي عدم توجهي جو شڪار هن پاور اسٽيشن ۾ 0 0 2 ميگا واٽ جي گيس ٽربائين هڻي ڪري بجلي جي پيداوار وڌائي سگهجي ٿي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اگر حڪومت سمجهي ٿي ته هن پاور هائوس کي نٿي هلائي سگهي ته ان کي سول سوسائٽي سکر جي ذريعي سکر جي عوام جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن هو لوڊشيڊنگ جي چيلنج جو مقابلو ڪري لوڊشيڊنگ جي اذيت ۾ گهٽتائي ڪري سگهن. هن چيو ته ملڪ اندر ٻيا به ڪيترائي ذريعا آهن جن وسيلي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي جنهن ۾ ٿرڪول پروجيڪٽ،شمسي توانائي ،هوا ننڍا ڊيم ٺاهڻ کان سواءِ هوا وسيلي به بجلي ٺاهي ملڪ جي عوام کي مسئلن ،بيمارين ۽ پريشانين کان ڇوٽڪارو ڏئي سگهجي ٿو هنن مطالبو ڪيو ته نه صرف سکر بلڪي پاڪستان ۾ بند پاور اسٽيشنن کي فوري طور تي بحال ڪري عوام کي سستي بجلي مهيا ڪئي وڃي. جڏهن ته وفاقي محتسب جي خالي پيل عهدي تي قابل ۽ ايماندار ماڻهو مقرر ڪيو وڃي جيئن هزارين التوا ۾ پيل درخواستن کي اڪلائي سگهجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button