ڪراچي

سنڌ ۾ ڪهنن اهڙي شخص کي گورنر مقرر ڪيو وڃي، جيڪو سنڌ جي بهتر مفاد ۾ ڪم ڪري سگهي: پير پاڳاري

pir shaib pagaroڪراچي : پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر جي عهدي تي اهڙي ماڻهو کي مقرر ڪيو وڃي، جيڪو صوبي جي عوام جي حقيقي معنيٰ ۾ خدمت ڪري سگهي. صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ تي توجهه ڏنو وڃي. اها ڳالهه پير پاڳاري ڪالهه ڪنگري هائوس تي پيپلزپارٽي جي سينيئر وزيرتعليم پير مظهرالحق جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ پ پ جي هڪ وفد سان چئي. وفد ۾ تاج حيدر، راشد رباني ، ايم پي اي غلام محمد شهلياڻي شامل هئا. پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ڪنگري هائوس پهچي سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ تي پيرپاڳاري کي مٺائي کارائي ۽ ڪراچي۾ امن امان جي صورتحال، صوبي جي سياسي معاملن ۽ سنڌ ۾ نئين گورنر جي مقرري بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي پير صاحب پاڳاري چيو ته سنڌ ۾ ڪهنن اهڙي شخص کي گورنر مقرر ڪيو وڃي، جيڪو سنڌ جي بهتر مفاد ۾ ڪم ڪري سگهي. فنڪشنل مسلم ليگ ان جي حمايت ڪندي. ذريعن موجب وفد پير صاحب پاڳاري کان سنڌ ۾ نئين گورنر جي مقرري جي حوالي سان تجويزون ورتيون. ان موقعي تي صوبي ۾ امن امان جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهرالحق چيو ته سنڌ پاڪستان کي جنم ڏيندڙ صوبو آهي ۽ هن ڌرتي تي رهندڙن جي سنڌ ماءُ ته پاڪستان به ماءُ آهي. پاڪستان جي وجود لاءِ اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن به قربانيون ڏنيون آهن. جن کي وساري نٿو سگهجي. ايم ڪيو ايم سان اڃا تائين اسان جو رابطو آهي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته هو افهام تفهيم جي پاليسي کي ڏسندي سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقي خاطر اسان جو ساٿ ڏين. سينيئر وزير پير مظهرالحق چيو ته اسان پير پاڳاري جا ٿورائتا آهيون، جن اسان جو ساٿ ڏيندي اهو اهم فيصلو ڪيو. اسان حڪومت پاران خير سگالي جو پيغام کڻي آيا آهيون. هن چيو ته پير پاڳاري سنڌ ۾ امن ۽ خوشحالي جي دعا ڪئي آهي ۽ سنڌ جي ترقي لاءِ هڪ خوشگوار ماحول بڻايو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ سڀئي هڪ ٻئي جا ڀائر آهيون. مان ميڊيا کي اپيل ٿو ڪيان ته اردو سنڌي، پختون، سان گڏوگڏ اهڙين ڳالهين جو ڪو به تاثر پيدا نه ٿيڻ ڏين. جنهن سان ويڇا وڌن. هن چيو ته هاڻ وري پوئتي مڙڻ بدران اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ موجوده وقت جي به اها ئي تقاضا آهي. پيپلزپارٽي پنهنجي اڳواڻن جي افهام و تفهيم جي ٻڌايل پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي. ڇاڪاڻ ته هن وقت گڏجي ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۾ جمهوريت جو روح آهي، ان ڪري اسان سمورين پراڻين ڳالهين کي وساري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي وجود لاءِ اسان جي اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن به قربانيون ڏنيون. اهي وساري نٿيون سگهجن. سنڌ جو عوام مجبت جو درس ڏيندڙ آهي، اسان کي نفرتون وساري پاڻ ۾ محبتون ورهائڻ گهرجن. هن چيو ته پ پ لاءِ به اردو ڳالهائيندڙن قربانيون ڏنيون آهي ۽ اهڙي قرباني کي وساري نٿو سگهجي. پير مظهرالحق چيو ته صدر آصف علي زرداري ملڪ ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ پتوڙي رهيو آهي ۽ ملڪ کي خطرناڪ چئلينج آهن. انهن سان مقابلو ڪرڻ ۽ ترقي لاءِ سڀني پارٽين کي پ پ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. جيڪا وقت جي به اهم اوليت آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button