ٺٽو

سنڌ ۾ ڪمشنري وارو نظام بحال ڪرڻ واري فيصلي جي حق ۾ ٺٽي ۾ريلي

NisarKhoro commisionaryٺٽو(سجاد علي ميمڻ) سڄي سنڌ جيان ٺٽي ضلعي ۾ پ پ حڪومت پاران آمر مشرف دور ۾ سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي ، حيدرآباد لاڙڪاڻي کي ورهائڻ وارو فيصلو واپس وٺي انهن جي اصل حيثيت ۾ بحالي ۽ سنڌ ۾ ڪمشنري وارو نظام بحال ڪرڻ واري فيصلي جي حق ۾ ريلي. ٺٽي ضلعي جي عوام پاران پ پ حڪومت پاران تازو ڪمشنري نظام کي بحال ڪرڻ ۽آمر دور ۾ متعارف ڪيل ناظمي سرشتي کي ختم ڪرڻ واري اعلان جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي ويئي ۽ عوام پاران ڪراچي، حيدرآباد جي اصل حيثيت ۾ بحالي کي پ پ حڪومت جي ڪاميابي قرار ڏنو ويو آهي . پ پ ضلعي آفيس ٺٽو کان ڪمشنري نظام جي حمايت ۾ پ پ ضلعي صدر ارباب وزير ميمڻ جنرل سيڪريٽري ايم پي اي صادق علي ميمڻ ۽ ضلعي ترجمان امتياز قريشي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويئي، ريلي ۾ شامل پ پ ڪارڪن ۽ شهري دهلن ۽ شرنائين تي رقص ڪندا ( سنڌ زنده باد ) جا نعرا هڻندي قومي شاهراهه جو گشت ڪيو ويو ، ريلي ۾ پ پ جو چونڊيل ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، اڳوڻي ايم پي اي غلام قادر پليجو، سپاف ضلعي ٺٽي جو صدر منظور سرڪي ۽ ٻيا پڻ شامل هئا. ريلي قومي شاهراهه تي پهچڻ بعد جلسي جي صورت اختيار ڪري ويئي ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پ پ حڪومت سنڌ جي عوام جي خواهش موجب ڪمشنري نظام بحال ڪري آمراني دور ۾ ٿيل فيصلن کي رد ڪري ڇڏيو آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button