ڪراچي

سنڌ ۾ ڪمشنري نظام لاڳو:ڊڪٽيٽر مشرف جو نظام ختم، حيدرآباد سميت ٽوڙيل ضلعا اصل حالت ۾ بحال

Musharraf reut 543ڪراچي: سنڌ جي وقتي گورنر سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي بحالي جو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته گورنر پوليس ايڪٽ 1861ع ۽ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 1979ع ۽ لينڊ روينيو ايڪٽ 1967ع جي بحالي جا ٻه آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيا آهن. جنهن سان حيدرآباد سميت سنڌ ۾ ورهايل ضلعا اصلي حالت ۾ بحال ٿي ويا آهن. جڏهن ته ڪراچي جا 18 ٽائون ختم ٿي ويا آهن ۽ ڪراچي اصل حالت ۾ 5 ضلعن ۾ ورهائجي ويو آهي. ڪالهه سنڌ جي وقتي گورنر نثار احمد کهڙو 3 مختلف آرڊيننس تي صحيحون ڪيون، جنهن سان ڪمشنري نظام، سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 1979ع ۽ پوليس ايڪٽ 1861ع بحال ٿي ويا آهن، جڏهن ته پوليس آرڊر 2002 ۽ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2001ع ختم ٿي ويا آهن، ناظمن وارو نظام ختم ٿي ويو آهي. جڏهن ته لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 1979ع جي بحالي سان حيدرآباد ضلعي جي پراڻي حيثيت بحال ٿي وئي آهي. جنهن ۾ مٽياري، ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊو الهيار به شامل هوندا. جڏهن ته ڪراچي 5 ضلعن ۾ بحال ٿي ويو آهي. عمرڪوٽ ضلعو ميرپورخاص ۾ واپس اچي ويو. لاڙڪاڻو ضلعو به اصل حالت ۾ بحال ٿي ويو آهي. ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعا ختم ٿي ويا آهن. ناظمن جو نظام ختم ٿيڻ کان سواءِ ضلعن ۾ ضلعي ڪائونسل، تعلقي سطح تي ٽائون ڪاميٽي ۽ يوسي سطح تي يونين هونديون، ڊي سي او بدران ڪمشنر ڊويزنن جا سربراهه هوندا ۽ ضلعي عملدار ڊپٽي ڪمشنر هوندو. لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2001ع جنرل (ر) پرويز مشرف عوامي خواهشن جي برعڪس لاڳو ڪري ڇڏيو هو ۽ جنهن ۾ 9 سالن تائين پرويز مشرف کان سواءِ ڪو به ترميم به نه ڪري سگهندو هو، انهي نظام تي پڻ ڪيترن ئي ڏينهن تائين بحث هلندو رهي. جنهن کي ڪالهه حڪومت عوامي خواهشن موجب حل ڪري ڇڏيو. گورنر ان سلسلي ۾ لينڊ روينيو ايڪٽ 1967ع ۾ ترميم جي آرڊيننس جي منظوري ڏني، جنهن کان پوءِ سموري صوبي ۾ ڪمشنري نظام بحال ٿي ويو آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button