ٺٽو

سنڌ حڪومت سياحت جي اهم مرڪز ڪينجهر ۽ گورک کي ترقي وٺرائڻ جو جو اعلان ڪري ڇڏيو

THATTA AIJAZ SHAH AND MOHD ALI MALKANI AAJIA RALLY .2ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) سنڌ حڪومت سياحت جي اهم مرڪز ڪينجهر ۽ گورک کي ترقي وٺرائڻ جو ڪم شروع ڪرائڻ ۽ ڪينجهر جي نوري ريسٽورينٽ ۽ شاهجهان جامع مسجد ٺٽو جي ريسٽورينٽ کي پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت خانگي ماڻهن حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سياحت کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي سياحت جي سيڪريٽري دلاور منگي ۽ گورک هل جي ڊي جي نظير احمد جکراڻي سان گڏجي ڪينجهر ڍنڍ جي دوري دوران پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪينجهر ڍنڍ تي بهترين سياحتي مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ پرائيويٽ پارٽنر شپ پاليسي تحت 6 ارب رپين جي لاڳت سان 7 سئو 50 ايڪڙ ايراضي زمين مختص ڪري پلان تيار ڪيو ويو آهي ، جنهن ۾ ميوزيم، ڪنوينشن سينٽر، رهائشي هٽس سميت مختلف سهوليتون شامل هونديون، صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيوته ابتدائي مرحلي ۾ ڪينجهر جي پڪنڪ پوائنٽ تي سياحن ۽ پڪنڪ ملهائڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن جي سهوليت لاءِ فوري منصوبن تي ڪم شروع ڪرايو ويندو ، هن چيو ته 1985 ۾ ٺهيل هٽس جي پڻ مرمت ڪئي پئي وڃي جڏهن ته وڌيڪ 12 نوان هٽس تعمير ڪيا پيا وڃن هن چيو ته ڪينجهر ڍنڍ ڪناري پڻ ماڻهن جي سهوليت لاءِ مختلف ڪمپنين سان ڳالهائي شيڊ لڳرايا ويندا ته جيئن وچولي ۽ غريب طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو تفريحي ڪري سگهن. هن چيو ته ڪينجهر ايس ٽي ڊي سي ۾ ملازمت ڪندڙ 35 مقامي ملازمن کي پڪو ڪيو ويندو ، صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي وڌيڪ چيو ته ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ ۽ گورک هل کي بهترين تفريح مرڪز بنائڻ لاءِ سياحت کاتي پاران مختلف رٿائن تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ ڪينجهر ڍنڍ ۾ جلد ريسڪيو بوٽس ۽ واچ ٽاور جي سهوليت فراهم ڪري ڍنڍ کي ماحولياتي آلودگي کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، ان موقعي تي سيڪريٽري سياحت دلاور منگي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته موجوده حڪومت پاران ٻيڙين ۽ بوٽس جي خريداري لاءِ 2 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن ، هوڏانهن متحده عرب عمارات جو ڪراچي ۾ مقرر ڪمرشل اتاشي انتسار الدين سيڙپڪاري جي حوالي سان صوبائي وزير سياحت محمد علي ملڪاڻي سان گڏجي ڪينجهر ڍنڍ جي سياحتي مرڪز جو دورو ڪري جائزو پڻ ورتو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button