سنڌ جي شهرن ۾ ٻئين ڏينهن به سي اين جي اسٽيشنون بند هجڻ ڪري هزارين گاڏيون بند ٿي ويون
سکر(بيورورپورٽ)سکر سميت اندرون سنڌ جي شهرن ۾ ٻئين ڏينهن به سي اين جي اسٽيشنون بند هجڻ ڪري هزارين گاڏيون بند ٿي ويون. گاڏين جي بند ٿيڻ سان مسافر سخت پريشان پيٽرول تي گاڏين ۾ رش ڪرائي ۾ واڌ گاڏين ۾ رش وڌي وڃڻ اوور لوڊ هجڻ ڪري مسافرن کي سفر دوران سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. گاڏين جي کوٽ هجڻ ڪري اسٽاپن تي ماڻهن جا هجوم ، خبر موجب حڪومت پاران پيٽرول جي اگهن ۾ مسلسل واڌ کان پوءِ گاڏي مالڪن پاران پنهنجون گاڏيون پيٽرون تان ختم ڪرائي سي اين جي تي آڻي ڇڏيون آهن حڪومت جي اعلان کانپوءِ اندرون سنڌ جي شهرن ۾ 2 ڏينهن سي اين جي اسٽيشنون بند ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ سکر سميت اندرون سنڌ جي شهرن روهڙي، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، خيرپور، راڻي پور، گمبٽ ، سيٺارجه، هنڱورجه، پنوعاقل، گهوٽڪي، ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلو، اوٻاوڙو سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ ٻئين ڏينهن به سي اين جي اسٽيشنون بند هجڻ ڪري هزارين گاڏيون بند ٿي ويون آهن گاڏين جي بند ٿي وڃڻ کانپوءِ هزارين سفر ڪندڙ مسافر پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. جڏهن ته پيٽرول تي هلندڙ گاڏين ۾ رش وڌي وئي آهي ۽ مختلف روٽن ۽ لوڪل هلندڙ پيٽرول تي گاڏين ۾ وڌيڪ رش هجڻ ڪري گاڏيون اوور لوڊ ڪري مسافرن کي سفر دوران سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ۽ پيٽرول جي گاڏين مالڪن ان جو فائدو وٺندي ڪرايا ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن. جنهن ڪري گاڏين مالڪن ۽ مسافرن ۾ ڪراين تي منهن ماري ٿ يندي رهي ٿي گاڏين جي کوٽ هجڻ ڪري مختلف شهرن جي بس اسٽاپن تي ماڻهن جا هجوم بيٺل رهيا آخر ۾ شهرين ۽ سفر ڪندڙ مسافرن حڪومت کي مطالبو ڪيو آهي ته سي اين جي اسٽيشنون بند ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڪري سي اين جي اسٽيشنون فوري طور تي کوليون وڃن.