سنڌ اندر الڳ صوبو ٺاهڻ ناممڪن آهي ۽ اها اڻ ٿيڻي سوچ آهي: سسئي پليجو
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو چيو آهي ته سنڌ اندر الڳ صوبو ٺاهڻ ناممڪن آهي ۽ اها اڻ ٿيڻي سوچ آهي، ڪنهن به جيڪڏهن الڳ صوبي جي ڳالهه ڪئي آهي ته ان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه پاڪستان جي سالميت جو دفاع ڪيو آهي ۽ دفاع ڪندي رهندي. اها ڳالهه هن ڪوٽ عالمون لڳ ايم ايس بچاءُ بند جي هلندڙ تعميراتي ڪم جي معائني بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پ پ جي حڪومت ۾ سنڌ ۾ بچاءُ بندن جي مرمت ۽ انهن کي اصل ليول کان 6 فوٽ بلند ڪرڻ جو ڪم تمام معياري ۽ تسلي بخش ٿيو آهي جنهن بعد هاڻي ٺٽي سميت سموري سنڌ جي ماڻهن کي ٻوڏ جو ڪو به خاطرو ناهي. هن چيو ته بچاءُ بندن جو ڪم 31 جولاءِ تائين هر صورت ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ آبپاشي عملدارن ۽ ٺيڪيدارن کي پابند بنايو ويو آهي ته جيئن وقت سر بندن جو ڪم مڪمل ٿي سگهي. هن چيو ته بندن جي مرمت واري ڪم ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئ ويندي ۽ ڪوتاهي ڪندڙ عملدارن توڙي ٺيڪيدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته هن وقت ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم مان 9 هزار ڪيوسڪ جڏهن ته سورجاڻي بند وٽان 6 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو جاري آهي ۽ اميد آهي ته هن سال پاڻي بنان ڪنهن نقصان جي آساني سان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو ، هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته دريا ۾ موجود زمينداري بندن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ درياهه ۾ زمينداري بند ڏيئي ويٺل ماڻهو پنهنجي ئي علائقن جي ماڻهن کي ٻوڙڻ جا ذميوار آهن هن چيو ته ٺٽي ضلعي اندر گهڻي ڀاڱي زمينداري بندن کي هٽايو ويو آهي ۽ باقي رهيل زمينداري بندن کي پڻ هٽايو ويندو، ايم ڪيو ايم حقيقي سان پ پ حڪومت جا واسطا هئڻ جي سوال جي جواب ۾ سسئي پليجو چيو ته مفاهمت پ پ جو منشور ۽ پاليسي آهي ڪا به ڌر سياسي ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي ته انهن لاءِ اسان وٽ ڳالهين جا دروازا کليل آهن ان موقعي تي سپرنٽيڊنٽ انجنيئر پڃاري سرڪل عبدالقادر پليجو ، ايڪسن سجاول محمد رحيم قريشي بندن تي هلندڙ تعميراتي ڪم بابت صوبائي وزير کي بريفنگ ڏني.