سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن ۾ غير مقامي ماڻهن جي ڀرتين خلاف ٺٽي جا تعليم يافته نوجوان روڊن تي
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ)بوائز ڪاليج گهوڙاٻاري سميت سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن ۾ غير مقامي ماڻهن جي ڀرتين خلاف ٺٽي جا تعليم يافته نوجوان روڊن تي نڪري آيا، مڪلي تي احتجاجي مارچ ڪري ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو ،ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ضلعي جي سرڪاري کاتن ۾ غيرمقامي ماڻهن کي جوائن نه ڪرائڻ جي هدايت، سيڪريٽري تعليم ۽ سيڪريٽري ٻيهر آباد ڪاري سان رابطو ڪري جاچ ڪرائڻ جي سفارش. بوائز ڪاليج گهوڙاٻاري ۾ 12 غيرمقامي ماڻهن جي ڀرتين سميت ضلعي اندر ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ ڪم ڪندڙ ملڪي ۽ پر ڏيهي اين جي اوز ۾ مقامي ماڻهن ۽ نوجوانن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف بيروزگار نوجوان اتحاد ۽ شاگرد ايڪشن ڪميٽي پاران بوائز ڪاليج مڪلي کان سوين نوجوانن احتجاجي مارچ ڪندا سخت نعريبازي ڪئي، احتجاج ڪندڙ نوجوانن اصغر خشڪ ۽ عنايت الله کوڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هڻي ٺٽو ڪراچي قومي شاهراهه بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ خطاب ڪندي چيو ته غير مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪري وڏي زيادتي ڪئي پئي وڃي ۽ غير رمقامي ماڻهن جي مقررين جا آرڊر رد ڪري فوري طور مقامي تعليم يافته نوجوانن کي ملازمت نه ڏني ويئي ته احتجاج جو دائرو ضلعي سطح تائين وڌايو ويندو، بعد ۾ احتجاج ڪندڙ بيروزگار نوجوانن جي وفد سان ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر محمد جعفر عباسي سندس آفيس ۾ گڏجاڻي ڪري سندن مسئلا معلوم ڪيا، ان موقعي تي پ پ ايم صادق علي ميمڻ ، ضلعي صدر ارباب وزير ميمڻ پڻ موجود هئا. ڊي سي ٺٽو محمد جعفر عباسي تعليم کاتي ورڪس کاتي سمورن مختلف کاتن جي عملدارن کي غير مقامي ماڻهن کي جوائن نه ڪرائڻ ۽ اين جي اوز کان تفصيل طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن سيڪريٽري تعليم ۽ سيڪريٽري ٻيهر بحالي سان پڻ رابطا ڪيا.