سکر

زرعي بئنڪ پاڪستان جي واحد بئنڪ آهي جيڪا زراعت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رڳو 8 سيڪڙو مارڪ اپ تي زرعي قرضا جاري ڪندي آهي: سيد مجتبيٰ شاهه

ZTBL Rizviسکر(بيورورپورٽ) زرعي ترقياتي بئنڪ سکر جي زونل چيف سيد مجتبيٰ شاهه رضوي زونل آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته زرعي بئنڪ پاڪستان جي واحد بئنڪ آهي جيڪا زراعت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رڳو 8 سيڪڙو مارڪ اپ تي زرعي قرضا جاري ڪندي آهي. جڏهن ته پاڪستان کي خوراڪ ۾ خودڪفيل بڻائڻ ۾ زرعي بئنڪ جي صدر چوڌري ذڪاءُ اشرف جون بهترين قائدانه صلاحيتون ۽ بهترين حڪمت عملي جو نتيجو آهي. پريس ڪانفرنس جي موقعي تي زونل مينيجر ريڪوري رحمت الله شيخ ۽ مينيجر سکر برانچ عطا الله چاچڙ کان علاوه ٻيا اسٽاف ميمبر به موجود هئا. سيد مجتبيٰ شاهه وڌيڪ چيو ته جتي سڄي ملڪ ۾ بئنڪ تيزي سان ترقي ڪئي آهي اتي ئي سکر زون جي گروٿ ريڪوري جي حوالي سان سڄي پاڪستان ۾ ٽاپ تي آهي. هن ٻڌايو ته گذريل ڇهن مهينن جي دوران سکر زون جي آبادگارن کي 5 4 7 1 ملين رپين جا قرضا جاري ڪيا آهن جيڪو هڪ ريڪارڊ آهي. جڏهن ته انهن ئي ڇهن مهينن جي دوران 7 2 ڪروڙ رپين جي اضافي ريڪوري به ڪئي ويئي آهي. هن ٻڌايو ته ڪچي جي علائقي ۾ ٻوڏ کان متاثر آبادگارن کي انشورنس جي مد ۾ 7 1 لک روپيا ادا ڪيا ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ڪجهه ننڍا آبادگاربروقت قرضو واپس ناهن ڪري سگهندا. پر جنهن وڏن بئنڪ جو قرض دٻائي رکيو آهي انهن باري آرڊيننس 1 0 0 2 جي مطابق نوٽيس جاري ڪيا ويا ۽ قانون جي مطابق ڪارروائي ٿي رهي آهي. هن چيو ته زرعي ترقياتي بئنڪ جو مقصد زراعت کي ترقي ڏيڻ ۽ آبادگارن کي خوشحال ڪرڻ آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه بئنڪ جي موجوده صدر چوڌري محمد ذڪاءُ اشرف جي سربراهي ۽ قيادت ۾ ٿي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته بئنڪ جي گولڊن جوبلي تقريب جي دوران صدر پاڪستان آصف علي زرداري به زرعي بئنڪ جي صدر چوڌري ذڪاءُ اشرف جي ڪارڪردگي کي سارهائيندي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته بئنڪ جي موجوده صدر بئنڪ ملازمن جي گذريل 4 1 سالن کان روڪيل پروموشن ڪيا ۽ گولڊن جوبلي جي خوشي ۾ ملازمن کي هڪ بونس ۽ پگهارن ۾ اضافي جو به اعلان ڪيو. هن چيو ته بئينڪ جي اعليٰ ڪارڪردگي ۾ صدر ذڪاءُ اشرف کان علاوه بئنڪ اسٽاف ۽ پيپلز يونين جي عهديدارن جي لگن ۽ محنت جو به وڏو عمل دخل آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ زرعي بئنڪ ملڪ جي زراعت کي عروج تائين پهچائڻ ۾ وڌيڪ مثالي خدمتون انجام ڏيندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button