زرداري پيپلز پارٽي کي عوامي جماعت رهڻ ڏئي نه ڪي ان کي خانداني جماعت ٺاهي: دانيال عزيز
سکر(رپورٽ: عمر سومرو )سکر ۾ اڳوڻن ناظمن ۽ ڪائونسلرن دانيال عزيز جي اڳواڻي ۾ ڪوٺايل ڪنوينشن اندر پيپلز پارٽي پاران ڪمشنري نظام کي رد ڪندي مقامي حڪومتن وارو نظام بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي محمد بن قاسم پارڪ ۾ لوڪل ڪونسل ايسوسيئيشن جي اڳواڻ ۽ سکر جي اڳوڻي ضلع ناظم سکر سيد ناصر حسين شاهه جي دعوت تي ڪوٽايل ڪنوينشن ۾ اين آر بي جي اڳوڻي چيئرمين دانيال عزيز خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو پيپلز پارٽي کي عوامي جماعت رهڻ ڏئي نه ڪي ان کي خانداني جماعت ٺاهي ۽ پنهنجن هيٺين کي آئين جي خلاف ورزي نه ڪرڻ ڏئي هن چيو ته سنڌ ۾ ڀٽو شهيد جي قاتلن جي ڪمشنري نظام کي عوام رد ڪري چڪي آهي جيڪڏهن ان کي 8 2 جولاءِ تائين ختم نه ڪيو ويو ته احتجاج جو سخت رستو اختيار ڪيو ويندو جنهن جي شروعات اڄ کا ن ڪري رهيا آهيون هن چيو ته دنيا جي مسلم ملڪن اند 0 3 ،0 3 ۽0 4 .0،4 سالن تائين حڪومتون ڪندڙ فرعونن خلاف ۽ جمهوريت لاءِ عوام اثي کڙي ٿي آهي ان صورتحال ۾ پاڪستان ۾ به اهڙو مثال بڻجي سگهي ٿو هن چيو ته مقامي نظام هيٺ ئي ملڪ اندر صحيح جمهوريت قائم ٿي سگهي ٿي هن چيو ته سنڌ ۾ ڪمشنري نظام آڻڻ جمهوريت جو ڳلو ڪپڻ جي برابر آهي اسان جدوجهد ڪري هڪ مخصوص مفادپرست ٽولي ۽ افسر شاهي مان عوام کي نجات ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پر حڪومت ڪمشنري نظام بڄال ڪري عوام کي ان جي ڄار ۾ ڇڏي ڏنو آهي ،ڪمشنري نظام آزاد عدليه ۽ انتظاميه جي وچ ۾اختيارن جي ورهاست ۾ ٻيهر هڪ جنگ جو آ از ٿي ويندو ۽ ضلعي مئجسٽريٽ جو عهدو بحال ڪري 3 7 9 1 جي آئين جي لتاڙ ڪئي وئي آهي هن چيو ته ڪمشنري نظام جي بحالي سان بجيٽ رکي اربين روپين جي فنڊن جي لٽ مار جو آ از ٿي ويندو اسان عهد ڪيو آهي ته عوام جي جمهوري ۽ سياسي حقن خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو ان موقعي تي سنڌ،پنجاب،خيبرپختونخواه،۽ بلوچستان جي لوڪل ڪونسل ايسوسيئيشن جي اڳواڻن سيد ناصرحسين شاه،يوسف ايوب،مقبول لهڙي،اظهر گيلاني ،جاويد صديقي ۽ ٻين خطاب ڪيو سخت گرمص باوجود عورتن ۽ مردن جي وڏي انگ ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته سکر جي محمد بن قاسم پارڪ ۽ رستڻ کي بينرن،جهنڊن ۽ تصويرن سان سينگاريو ويو هو واضع رهي ته گزريل رات دير تائين اجازت ملڻ کان اڳ پوليس ۽ جلسو ڪرائيندڙ ڪارڪنن ۾ منهن ماري ۽ پارڪ کي تالو هڻي پاڻي ڇڏڻ خلاف گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کر باهيون ڏنيون ويون هيون.