ڪراچي

رمضان شريف تقويٰ ۽ مسلمانن لاءِ ٽريننگ جو مهينو آهي.راشد نسيم

rashid nasim file photoڪراچي: جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ ممتاز ديني اسڪالر راشد نسيم چيو آهي ته رمضان شريف جو ڀلارو مهينو مسلمانن جي اندر تقويٰ ۽ ٽريننگ جو مهينو آهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ بفرزون ۾ جماعت اسلامي طرفان استقبال رمضان شريف جي مناسبت سان رٿيل هڪ ميڙ کي خطاب دوران ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته رمضان شريف جي هڪ مهيني دوران الله سائين سان لَنوَ لڳائڻ ديانت ۽ امانت جي حوالي سان جيڪا تربيت ٿيندي آهي.اها دنيا جي نامور يونيورسٽي هارڊ ورڊ سميت ڪو به ادارو نٿو ڏيئي سگهي.رمضان شريف ۾ ماڻهو رضاڪارانه طور ۽ رب جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ اڃ،بک سميت ڪيترن ئي خواهشن کان رڪجي وڃي ٿو.جنهن ڪمن کان الله ۽ ان جي رسول صه منع ڪئي آهي ان کي ترڪ ڪري ڇڏيندا آهن.جڏهن ته ٻئي پاسي هارڊ ورڊ يونيورسٽي سميت جديد تعليم يافته ماڻهن دنيا ۾ ڪرپشن ۽ ڦرمار جو رڻ ٻاري ڇڏيو آهي.پاڪستان ۾ پڻ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن ۽ غريب عوام جو رت چوسيندڙ سڀ کان وڌيڪ اعليٰ تعليم يافته مغرب جا شاگرد حڪمران آهن.جنهن جو خميازه اڄ سڄي قوم مهانگائي بيروزگاري،بدامني ۽ بيروني جارحيت جي صورت ۾ لوڙي رهي آهي.رمضان شريف جو مهينو انسان کي پنهنجي رب ڪريم سان ناتو جوڙڻ ۽ قريب ڪرڻ جو مهينو آهي.جنهن ۾ الله سائين جو پيارو ٻانهو روزو،نماز،زڪوات صدقات کان علاوه پنهنجي پياري ننڊ ڇڏي سحري جي وقت خاص عبادت ۽ افطار جي وقت خصوصي دعائون گهرندي پنهجي رب کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.ان ڪري اسان سڀني کي هن مبارڪ مهيني جواستقبال ۽ وڌ کان وڌ نيڪيون ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪرڻ گهرجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button