رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ مهنگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هاڻي سان قدم کنيا وڃن: حاجي محمد جاويد ميمڻ
سکر(بيورورپورٽ)سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ مهنگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هاڻي سان قدم کنيا وڃن. هو پنهنجي آفيس ۾ شهر جي مختلف علائقن سان آيل وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. ان موقعي تي حاجي شفيع عباسي، غلام شبير ڀٽو، برڪت علي سولنگي ۽ ٻيا به موجود هئا. جاويد ميمڻ جو چوڻ هو ته بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽اکٻوٽ صنعت ۽ تجارت ۽ ڪاروبار سميت سڀني شعبن کي متاثر ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته رمضان کان پهريان کنڊ جي هٿرادو کوٽ ۽ ذخيره اندوزي عوام سان ظلم آهي. حڪومت سياسي جوڙ توڙ ۽ مفادن کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳل آهي. اپوزيشن کي عوامي مسئلن سان ڪا به دلچسپي نه آهي. جنهن جي ڪري عوام مهانگائي کان پريشان آهن. هن چيو ته حڪومتي ادارا مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن جڏهن ته پرائيز ڪنٽرول ڪميٽيون غير موثر ٿي رهجي ويون آهن. جنهن جي ڪري ڪجهه ذخيره اندوز، وڏا واپاري ۽ سرمائيدار کي بليڪ مارڪيٽنگ جي کلي ڇوٽ ملي ويئي آهي. جنهن جا اثر بازارن، مارڪيٽن ۽ ننڍن دڪاندارن تي به پون ٿا ۽ هر وڌندڙ ڏينهن سان مهانگائي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. غريب کي ٻن ويلن جي ماڻي جي بجاءِ هڪ وقت جي ماني به سڪون سان ميسر نه آهي. غريبن جو نالو وٺندڙ حڪومت ماڻهن کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ موثر قدم کڻي ته جيئن رمضان المبارڪ کان پهريان وڌندڙ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪري سگهجي. هن سنڌ حڪومت ۽ مقامي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته کائڻ پيئڻ جي شين اٽو، گيهه، چانور، دالين، مصالحن، فروٽ ۽ سبزين جون پرائز لسٽون ٺاهڻ لاءِ اعليٰ اختياراتي ڪميٽي تشڪيل ڏيئي ڪري مقرره ريٽ تي وڪڻڻ جا به انتظام ڪيا وڃن.