ذوالفقار آباد شهر جو تعميراتي ڪم پهرين مرحلي ۾ شروع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي: راجا محمد عباس
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) سنڌ جي چيف سيڪريٽري راجا محمد عباس چيو آهي ڪراچي ۾ وڌندڙ آبادي کي گهٽائڻ لاءِ صدر جي خاص هدايتن تي ٺٽي ضلعي جي چئن ساحلي تعلقن جي 3 لک 28 هزار ايڪڙ ايراضي زمين تي مشتمل ذوالفقار آباد شهر جو تعميراتي ڪم پهرين مرحلي ۾ شروع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ سيپٽمبر مهيني ۾ ذوالفقار آباد ايڪسپريس وي جو سنگ بنياد رکيو ويندو، ذوالفقار آباد اٿارٽي جي ايم ڊي رٽائرڊ جنرل افتخار احمد سان گڏجي ذوالفقار آباد شهر لاءِ تجويز ڪيل ڪيٽي بندر ، کاروڇاڻ ، شاهبندر ۽ جاتي تعلقن جي ساحلي علائقن جو هيليڪاپٽر ذريعي فضائي جائزو وٺڻ ۽ ڊي سي او آفيس مڪلي ۾ ضلعي انتظاميا سان گڏجاڻي بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيف سيڪريٽري راجا محمد عباس وڌيڪ چيو ته ذوالفقار آباد شهر ۾ ايئر پورٽ ، بندر گاهه، بس ٽرمينل، يونيورسٽيون ، اسڪول، پڪا روڊ ۽ ونڊ مل سميت ٻيون جديد شهري سهوليتون ميسر هونديون ۽ اڳتي هلي سمنڊ هيٺ آيل زمين کي به قطب آندو ويندو، هن چيو ته هلندڙ سروي دوران ذوالفقار آباد شهر جي تعمير ۾ پرائيويٽ زمينن جا مالڪن کي معاوضو ڏنو ويندو هن چيو ته ذوالفقار آباد شهر جي تعمير کان پوءِ ڪراچي ۾ آبادي جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو ۽ ڏوهن تي پڻ ضابطو آڻڻ ۾ وڏي مدد ملندي ، هن چيو ته ڪمشنري نظام سنڌ جي عوام جي خواهش موجب لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن سان عوام کي ترت انصاف ۽ فائود ملي سگهندو هن چيو ته ڪمشنري نظام تحت غيرسياسي عملدارن کي مقرر ڪيو ويو آهي رهيل ڪجهه کاتن جا معاملا به ڏينهن ٻن ۾ مڪمل ڪري روينيو عملدارن کي مئجسٽريٽري اختيار ڏيارڻ لاءِ پارليامينٽ ذريعي قانونسازي ڪئي ويندي ، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اي ڊي اوز جي عهدن کي تبديل ڪري جلد انهن جون مقرريون ڪيون وينديون، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو محمد جعفر عباسي پاران جاتي ۽ شاهبندر تعلقن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي خالي پيل آسامين کي ڀرڻ جي گذارش تي هن چيو ته ٻنهي تعلقن ۾ جلد اسسٽنٽ ڪمشنرز جي مقرري ڪئي ويندي ته جيئن ذوالفقار آباد شهر جي اڏاوت ۾ وڌيڪ مدد ملي سگهي ، ٺٽو سول اسپتال ۾ اپيشلسٽ ڊاڪٽرن جي کوٽ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو محمد جعفر عباسي کي هدايت ڪئي ته گهربل اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جي خالي آسامين جي لسٽ کيس موڪلي وڃي ته جيئن اسپتال ۾ انهن ڊاڪٽرن جي جلد مقرري ڪري سگهجي. هن چيو ته ذالفقار آباد شهر بابت مجوزه پلان تياري هيٺ آهي ۽ ٻن ڏينهن بعد ڪنسلٽنٽس اچي زميني صورتحال بابت ڪم شروع ڪندا. ان موقعي تي ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر محمد جعفر عباسي چيف سيڪريٽري کي ضلعي جي جاگرافيائي صورتحال ۽ ذوالفقار آباد شهر بابت بريفنگ ڏني.