ڪراچي

حڪومت ڏوهارين کي برداشت نه ڪندي، عوام جي تحفظ لاءِ سخت کان سخت قدم کڻندي:رحمان ملڪ

rehman malikڪراچي: وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ جي صدارت هيٺ ڪالهه وزير اعليٰ هائوس ۾ ڪراچي ڊويزن جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي عهديدارن شرڪت ڪئي، رحمان ملڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته صدر آصف علي زرداري واضح هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ هر صورت ۾ پرامن حالتن کي يقيني بڻايو وڃي، انهي حوالي سان بنا ڪنهن متڀيد ۽ بنا ڪنهن سياسي وابستگي جي ڏوهاري، تخريبڪارن، ڏوهارين ۽ عوام دشمن عنصرن جي ختمي لاءِ قدم کنيا وڃن، حڪومت عوام جي خواهشن ۽ سندن ووٽن جي ڪاميابي سان ماڻهن جي فلاح ۽ خدمت لاءِ ڪوشان آهي پر ڪجهه عنصر نٿا چاهين ته پ پ پنهنجو مدو پورو ڪري حڪومت بينظير ڀٽو جي ويزن تحت مفاهمت جي پاليسي تي عمل ڪيو ۽ انهي تي عمل پيرا آهي، رحمان ملڪ واضح ڪيو ته اسان ڪنهن سان وڙهڻ نٿا چاهيون، مفاهمت جي پاليسي تي عمل پيرا آهيون ڇو ته ملڪ مخالفت، تڪرار، ٽڪراءٌ نفرتن کي برداشت نٿو ڪري سگهي، حڪومت ڏوهارين کي برداشت نه ڪندي، پ پ ڪڏهن به پنهنجي عزت کي پائيمال ڪري دوستن کي پروان نه چاڙهيندي، حڪومت بيگناهه ۽ معصوم عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ سخت کان سخت قدم کڻندي، ڪراچي ۾ امن ۽ عوام دشمن قوتن جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي، بيگناهه ماڻهن جي قاتلن کي عوام سامهون آڻي ماسٽر مائينڊ کي وائکو ڪيو ويندو. اجلاس ۾ تاج حيدر، پروفيسر اين ڊي خان، راشد حسين رباني، وقار مهدي، شمع عارف مٺياڻي، حسين ابو ڀائي، فرزانا بلوچ، حبيب الدين، لال بخش، نجمي عالمي، سعيد غني، سليم هنڱورو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، رحمان ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم جو پ پ هر مشڪل ۾ ساٿ ڏنو، کين ڪا شڪايت هئي ته ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ گهرجي، نائين زيرو جا ٽيليفونڪ رابطا فني خرابي جي ڪري معطل ٿيا انهي ۾ حڪومت جو ڪو عمل دخل ناهي، ڪراچي جون حالتون خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏبي، ايم ڪيو ايم جي قيادت ڳالهائي ها ته ايتري غلط فهمي نه ٿئي ها، اسان ڪراچي ۾ امن خاطر متحده کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا، ڪمشنري نظام ٻين سمورن صوبن ۾ لاڳو آهي، ايم ڪيو ايم وارن دوستن کي غلط فهمي ٿي آهي، حڪومت ڪنهن جو فون ڪنيڪشن ناهي ڪاٽيو، ٽي وي چينل جي رپورٽر تي مبينا حملي جي سوال تي رحمان ملڪ چيو ته اسان کي هڪٻئي جو احترام ڪرڻ گهرجي، ميڊيا کي اسان جو ۽ اسان کي ميڊيا جو احترام ڪرڻ کپي، رحمان ملڪ سنڌ رينجرز هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو، ان موقعي تي ڪراچي ۾ امن امان بابت بريفنگ ورتي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button