حڪومت سکر شهر سان ماٽيليءَ ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي. چونڊيل نمائندا شهر دشمنيءَ تي لهي آيا آهن: آل پارٽيز ڪائونسل
سکر(بيورو رپورٽ)آل پارٽيز ڪائونسل جي چيئرمين مولانا عبيدالله ڀٽو ابن آزاد، مسلم ليگ ن جي الهداد بوزدار، جي يو آءِ جي مولانا عبدالحق مهر، مسلم ليگ ف جي ظفر اقبال آرائين، سنڌ نيشنل فرنٽ جي شهزادو ڀٽو، جسمم جي لاله سهيل پٺاڻ، هيومن رائيٽس جي جاويد جتوئي، ستپ جي وحيد کوسو، جسقم جي نصير گوپانگ، پي پي شهيد ڀٽو جي سراج ميراڻي، ايس يو پي جي عبدالرشيد ميمڻ، ۽ ٻين گڏيل طور تي چيو آهي ته حڪومت سکر شهر سان ماٽيليءَ ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي. چونڊيل نمائندا شهر دشمنيءَ تي لهي آيا آهن. ۽ سکر جو ڪو به مسئلو حل نه ڪيو پيو وڃي. سکر شهر ۾ چلڊرن پارڪ ڪو نه آهي جنهن ڪري ٻارن کي راندين ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن ۽ شهر جي روڊ رستا ۽ گهٽيون کنڊرات ۾ تبديل ٿينديون پيون وڃن. شهرين کي پيئڻ جو پاڻيءَ ميسر ڪو نه آهي. ۽ شهر ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن ۾ ناقص ميٽريل استعمال ٿي رهيو آهي. بندر وال تي هلندڙ ڪم سست رفتاري سان هلي رهيو آهي. ۽ بندر وال جي ڪم ۾ به ناقص ميٽريل استعمال ڪيو پيو وڃي. ادريس راجپوت ۽ نور محمد بلوچ نااهل ثابت ٿيا آهن. جيڪو انهن کي ٽارگيٽ ڏنو ويو هو. ان تي پورا ڪو نه لٿا آهن. اگر ٻوڏ جي دوران نقصان ٿيو ته ان جي سڄي ذميواري سنڌ جي وڏي وزير، ادريس راجپوت، نور محمد بلوچ، ڄام سيف الله ڌاريجو ۽ سيڪريٽري آبپاشي کاتي تي هوندي. هنن چيو ته بندر وال جي 0 7 بي گهر ڪيل ماڻهن کي معاوضو نه ادا ڪيو ويو آهي. جيڪي هن وقت در در جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن ۽ کليل آسمان تي زندگي بسر ڪري رهيا آهن. جنهن جو ذميوار اسلام الدين شيخ ۽ نعمان شيخ آهي. هنن چيو ته 1 1 رڪني بندر وال ڪميٽي ۽ آفيسرن ملي ڪري بندر وال جي ماڻهن جا پئسا کاڌا آهن. ۽ رشوت وٺي ڪري هڪ ئي گهر جي ٻن ٻن ماڻهن کا چار، چار لک روپيا معاوضو ادا ڪيو ويو آهي.