ٺٽو

حيسڪو جي غفلت، بجلي جي تار ڪرڻ سبب ھڪ فوت

HESCOٺٽو(سجاد علي ميمڻ ): ٺٽي لڳ چارڻ ميمڻ ڳوٺ ۾ بجلي جي مين لائين جي تار ڳوٺ مٿان ڪري پئي هڪ ڳوٺاڻو ڪرنٽ لڳڻ ڪري فوت، ڳوٺ جي ٻاهران ڏنل لوڙهي کي باهه وڪوڙي ويئي ڳوٺاڻن جو حيسڪو انتظاميا خلاف احتجاج. ٺٽي لڳ چارڻ ميمڻ ڳوٺ ۾ اوچتو ڳوٺ مٿان گذرندڙ بجلي جي مين لائين ٽٽي پئي جنهن جون تارون ڳوٺ مٿان ڪري پيون ۽ڳوٺ جي هڪ گهر جو مالڪ بچايو ميمڻ جيڪو پنهنجي گهر اڳيان بيٺل هو بجلي جي تارن جي ڪرنٽ لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته بجلي جي تارن مان اٿندڙ شولن سبب ڳوٺ جي ٻاهران ڏنل لوڙهي کي باهه لڳي ويئي ۽ ڳوٺاڻن همٿ ڪري ڳوٺ جي گهرن کي باهه کان بچائي ورتو ان موقعي تي ڳوٺاڻن غلام مصطفيٰ چارڻ ۽ ٻين بجلي جي تار ڪرڻ ۽ ڳوٺاڻي جي موت خلاف حيسڪو اتنظاميا خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ چيو ته ڳوٺ مٿان گذرندڙ مين بجلي جي لائين باربار حيسڪو انتظاميا کي هٽائڻ جي درخواست ڪئي ويئي هئي پر واسطيدار انتظاميا ڪو به نوٽيس نه ورتو جنهن جي نتيجي ۾ هي واقعو پيش آيو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button