رانديون

حيدر ڪلب خيرپور هڪ گول ڪري سکر جي ٽيم کان پهرين ڏينهن واري مئچ کٽي ورتي

DC at Football Gameخيرپور: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ اربع شام ممتاز گرائونڊ ۾ سنڌ اسپورٽس پاران ضلعي انتظاميه جي سهڪار سان پهرين آل سنڌ شهيد والي بال ٽورنامينٽ جو افتتاح ڪيو جنهن ۾ صوبي جي مختلف ضلعن سان واسطو رکندڙ 18 ٽيمون حصو وٺنديون جنهن ۾ صوبي جي مختلف ٽيمن جي وچ ۾ 10 ڏينهن تائين ممتاز گرائونڊ تي مقابلا ٿيندا. ٽورنامينٽ جي پهرين ڏينهن تي حيدري فوٽبال ڪلب خيرپور ۽ سکر ڪمبائينڊ ڪلب جي وچ ۾ مئچ ٿي گُذري جنهن ۾ حيدر ڪلب خيرپور هڪ گول ڪري سکر جي ٽيم کان پهرين ڏينهن واري مئچ کٽي ورتي. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻول ڪندي چيو ته رانديون انساني صحت ۽ صحت مند معاشري جي لاءِ انتهائي ضروري آهن جنهن سان نوجوانن ۾ صحت مند سرگرمين جي مقابلي جي فضا قائم ٿئي ٿي ۽ انسان منفي سوچ کان پري رهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته خيرپور اندر مختلف راندين جي گرائونڊس کي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني جي خاص ڪوششن سان وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي. ان موقعي تي فوٽبال ايسوسيئشن خيرپور جي اڳواڻ علي مدد شاهه، ڊي اسپورٽس مير محمد ڪلهوڙو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button