اسلام آباد

حج ڪرپشن جي جاچ ٽيم بحال ڪرڻ جو حڪم: عدالتي حڪم نه مڃيندڙ هاڻي پهرين جيل ويندا: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ حج ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي جاچ ٽيم کي اڄ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي هاڻي اڳ ۾ جيل وڃڻو پوندو ۽ پوءِ انهن جو موقف ٻڌنداسين. ڪالهه چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 6 رڪني بينچ ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ڊي جي ايف آءِ اي عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾چيو ته حج ڪرپشن ڪيس ڪيترائي اهم وز ير شامل آهن، ڪيس تان توجهه هٽائڻ لاءِ ائين ڪيو پيو وڃي، چيف جسٽس چيو ته حاجين کي لٽيو ويو حڪومت ذميوارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ڪيس ۾جڏهن به ٿوري اڳڀرائي ٿئي ٿي ته جاچ آفيسر تبديل ڪيو وڃي ٿو، حسين اصغر کي جاچ تان هٽائڻ لاءِ آءِ جي لڳايو ويو، ورنه عدالت حڪم جاري ڪندي، چيف جسٽس چيو ته ڪيس ۾ اڳوڻي جاچ آفيس جاويد بخاري خلاف 4 هفتن ۾ جاچ ڪرڻي هئي پر ٻه مهينا گذري ويا آهن اسان جي جاچ مڪمل ناهي ٿي، چيف جسٽس چيو ته عدالتي حڪم جي خلاف ورزي ڪند کي هاڻي پهرين جيل وڃڻ پوندو، پوءِ انهن کي ٻڌو ويندو، هاڻي اسان ائين ڪرڻ تي مجبور آهيون، چيف جسٽس چيو ته اڳوڻي سيڪريٽري کي طلب ڪيو ويندو، عدالتي حڪمن تي عمل ڇو نه ڪرايو ، سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي (اڄ) تائين ملتوي ڪندي، حج ڪرپشن ڪيس جي جاچ ڪندڙ حسين اصغر جي ٽيم کي ٻيهر جاچ ڏيڻ جو حڪم ڏيندي گهرو سيڪريٽري، اسٽيبلشمينٽ سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ اي اڳوڻي جاچ آفيسر حسين اصغر ۽ اڳوڻي اسٽيبلشمينٽ جي سيڪريٽري انور چوڌري کي طلب ڪري ورتو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button