مختصر خبرون
جيئي سنڌ محاذ پاران ڪراچي ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن ٺٽو ۾ مظاھرو
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) جيئي سنڌ محاذ پاران ڪراچي ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن ۽ بيگناهه شهرين جي قتلام توڙي ڌارين جي آبد ڪاري خلاف ضلعي ٺٽي جي صدر محبوب ميمڻ، جنرل سيڪريٽري نعمان علي شورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺٽو ۾احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ هڪدم قتل عام بند ڪري دهشتگردي جي وارداتن ۾ ملوث دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.