جوڊيشل پاليسي کان پوءِعدالتن جي ڪارروائي ۾ تيزي آئي آهي: جسٽس حسن اظهر رضوي
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي جي اڳواڻي ۾ هڪ انسپيڪشن ٽيم ٺٽي پهتل آهي جنهن گذريل ڏينهن ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ ٺٽو ۽ ان جي ماتحت عدليه جي ڪاڪردگي جو جائزو وٺي انسپيڪشن ڪئي جڏهن ته ساڳئي ٽيم گهارو، سجاول ۽ ميرپوربٺورو جي سول ڪورٽس جو دورو ڪري ڪورٽن پاران گذريل سال دوران ڪيسن جي حوالي سان ڪيل ڪارگذاري ۽ ڪيسن جي اڪلاءِ جو جائزو ورتو ۽ انسپيڪشن ڪئي ان کان اڳ ٺٽو ڊسٽرڪٽ بار جي بار روم ۾ مقامي وڪيل برادري کي خطاب ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته جڊيشل پاليسي کان پوءِعدالتن جي ڪارروائي ۾ تيزي آئي آهي پر ان کي وڌيڪ مئوثر ۽ فعال بنائڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته ماتحت عدالتون جڊيشل پاليسي تي عمل ڪندي جلد کان جلد ڪيسن جو اڪلاءُ ڪن ۽ بار ۽ بينچ کي گڏجي عوام کي سستو ۽ تڪڙو انصاف ڏيارڻ لاءِ پنهنجو مئوثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ان موقعي تي ٺٽو ڊسٽرڪٽ بار جي صدر اعجاز شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري عبدالواحد ميمڻ پڻ خطاب ڪيو.