تعلقه ميونسپل ائڊمنسٽريشن سجاول ۾ ٽينڊر ملي ڀڳت ڪري پنهنجي منپسند ٺيڪيدارن کي الاٽ ڪيا ويا: خلاف متاثر ٺيڪيدار
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) تعلقه ميونسپل ائڊمنسٽريشن سجاول ۾ ٽينڊرن ۾ ٿيل بيقاعدگين ۽بغير اوپننگ جي پنهنجي من پسند ماڻهن کي الاٽ ڪرڻ خلاف متاثر ٺيڪيدارن پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پٽيشن داخل . 13 جولاءِ 2011 تي ٽي ايم او سجاول پاران ٽينڊر طلب ڪيا ويا جن ۾ حصو وٺندڙ ٺيڪيدارن کي ڪمشنري نظام جي بحالي جو جواز ڄاڻائي ٽينڊر 13 جولائي تي ملتوي ڪري 21 جولاءِ تي اوپن ڪرڻ جو چئي موٽايو ويو ، جنهن بعد ٽينڊر بغير اوپننگ جي پنهنجي مرضي موجب پنهنجي من پسند ٺيڪيدارن کي الاٽ ڪري ڏنا ويا جنهن سبب حصو وٺندڙ ٺيڪيدار محروم رهجي ويا، ان سلسلي ۾ ميسرز سراج احمد ۽ سجاد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته اسان مقرر ڪيل تاريخ 13 جولاءِ تي ٽينڊرن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ٽي ايم او سجاول جي آفيس پهتاسين ته اسان کي اهو چئي موٽا ويو ته ٽينڊر ڪمشنري نظام جي بحالي سبب ملتوي ڪيا ويا آهن جن جي اوپننگ 21 جولاءِ تي ڪئي ويندي، بعد ۾ ملي ڀڳت ڪري پنهنجي منپسند ٺيڪيدارن کي الاٽ ڪيا ويا آهن جنهن لاءِ عدالت سڳوري کي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.