اسلام آباد

بنگلاديش صوبائي خودمختياري نه ڏيڻ جي ڪري وجود ۾ آيو،آمريڪا کي ڊرون حملن جي اجازت ناهي ڏني:وزير اعظم

Gilaniاسلام آباد: وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پ پ ۽ متحده وچ ۾ آزاد ڪشمير جي چونڊن جي موقف تي اختلاف آهن، جن کي مفاهمت ذريعي ختم ڪيو ويندو متحده سان سهڪار جاري رهندو ۽ ڪراچي ۾ آزاد ڪشمير جي سيٽن تي چونڊون ڪرايون وينديون،صوبائي خودمختياري اڳ ڏني وڃي ها ته اوڀر پاڪستان ڌار نه ٿئي ها، پي ٽي وي تي پرائيم منسٽر آن لائن ذريعي ماڻهن جون فون ڪالز ٻڌندي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ عوام کي ذوالفقار ڀٽو جي منشور کي ووٽ ڏنو آهي، متحده سان ڪيترائين مسئلا حل ڪرڻ تائين پهتاسين، ڪشمير جون چونڊون ڪار راڪيٽ سائنس ناهي، متحده جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن،18 هين ترميم جي منظوري ۾ متحده جو ڪردار اهم آهي، متحده سان 3 سالن کان اتحاد آهي،ان جا تحفظات ختم ڪرڻ لاءِ پارٽي قيادت ڪم ڪري رهي آهي،هن وڌيڪ چيو ته صوبائي خودمختياري عوام جو پراڻو مطالبو هو جيڪو پورو ڪيو آهي،ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وفاق صوبن کي وڌيڪ حصو ڏنو آهي، اين ايف سي ايوارڊ خوش اصلوبي سان حل ڪيو ويو، اسان کي پنهنجا وسيلا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪ مان غربت ختم ڪرڻ لاءِ بجيٽ ۾ 65 بلين روپيا رکيا ويا آهن ۽ انهن پئسن مان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ وسيله حق پروگرام هلايو ويندو، بجلي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 2 هزار ميگا واٽ جي پيداوار شامل ڪئي وئي آهي، گئس جي کوٽ کي به حل ڪرڻ لاءِ ٻن مهينن ۾ جامع پاليسي جو اعلان ڪيو ويندو، اين ايف سي ايوارڊ جو مقصد ئي صوبن کي وسيلن جي فراهمي آهي، اسان کي پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ٻاهر ڏسڻو نه پوندو،وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني صوبائي خودمختياري ملڻ تي رضا رباني ۽ ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو،شهر ۾ امن امان جو مسئلو صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، ايف سي بلوچستان کان اينٽي اسمگلنگ جا اختيار واپس ورتا ويا آهن، وفاق صوبن سان انٽيليجنس شيئرنگ ڪندو آهي،ڪشمير مسئلي تي هن ڳالهائيندي چيو ته ڪشميرين جي حقن لاءِ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي جدوجهد جاري رکنداسين،پاڪ فوج ملڪ جي دفاع لاءِ ڪم ڪري رهي آهي آمريڪا کي چئي ڇڏيو آهي ته پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ ڊرون حملا قبول ناهن دنيا جي ملڪن کي به پيغام ڏنو آهي ته پاڪستان ملڪي خودمختياري تي سوديبازي نه ڪندو،ڊرون حملن سان دهشتگردي خلاف حڪمت عملي متاثر ٿي رهي آهي.ڊرون حملن جي گذريل حڪومت اجازت ڏني هئي، آمريڪا کي اسان ڊرون حملن جي اجازت ناهي ڏني،پ پ پنهنجي منشور ۽ ميثاق جمهوريت تي 80 سيڪڙو عمل ڪيو آهي، رينٽل پاور پلانٽ هڻڻ جو منصوبو جوڙيو پر مخالف ڌر جي واويلن تي سيڙپڪار ڀڄي ويا، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن قائم ڪري ڇڏي آهي ۽ جج به يڪراءِ سان مقرر ڪيا ويندا.يورپي يونين جي امداد لاءِ نه پر واپاري لاءِ چيو آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button