ٺٽو

ايم ڪيو ايم ۽ پ پ ٻئي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن ٻئي پارٽيون سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جون سڄڻ ناھن، عوامي تحريڪ

Awami Tehreekٺٽو(سجاد علي ميمڻ) عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس عوامي هائوس مڪلي تي ضلعي صدر گهنور خان زنئور جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري سردار انور سومرو ۽ مرڪزي اڳواڻ گل حسن ڪيڙانو چيو ته سنڌ انتهائي نازڪ دور مان گذري رهي آهي موجوده حڪمران بوگس آدمشماري ڪرائي سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهين ٿا، ايم ڪيو ايم ۽ پ پ ٻئي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن. اهي ٻئي پارٽيون سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جون سڄڻ نه آهن هنن ڪوڙا نعرا ڏيئي سنڌ کي مال غنيمت سمجهي لٽيو ۽ ڦڙيو آهي هنن چيو ته هن سال وري به ٻوڏ جو خطرو آهي پر سرڪار اڃان تائين بندن جو مرمتي ڪم مڪمل نه ڪرائي سگهي آهي هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن بندن جو مرمتي 15 ڏينهن اندر مڪمل نه ٿيو ته پوءِ سجي سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، هنن چيو ته عوامي تحريڪ هميشه سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ ڪندي رهندي عوامي تحريڪ ايندڙ اليڪشن ۾ سجي سنڌ ۾ پنهنجا اميدوار بهاريندي ، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عوامي تحريڪ پاران ٺٽي ضلعي اندر ميمبرسازي مهم تيز ڪرڻ لاءِ مختلف ڪميٽيون ٺاهيون ويون آهن جيڪي ضلعي جي شهرن ۽ ڳوٺن جا دورا ڪري ميمبر سازي مهم هلائي ويندي . اجلاس ۾ مٺا خان لاشاري، احمد خان خشڪ، اشرف پليجو ، بلاو لالشاري، رزاق چانڊيو، عزيز ميمڻ، ستار انڙ، ربڏنو نوحاڻي، محمد هارون خشڪ، ساگر پرهياڙ سميت ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button