ڪراچي

ايم ڪيو ايم ھڪ دفعو ٻيھر اقتدار ۾ : گورنر عشرت العباد واپس عهدو سنڀالي ورتو

Ishratڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ ۾ پردي جي پويان هلندڙ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، جنهن کانپوءِ متحده جي سربراهه الطاف حسين استعيفيٰ ڏئي دبئي ۾ ترسيل سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد کي واپس وڇي عهدو سنڀالڻ جي هدايت ڪئي آهي، اهڙي فيصلي جي صدر آصف ساراهه ڪندي گورنر عشرت العباد کي دبئي مان آڻڻ لاءِ خصوصي جهاز دبئي اماڻيو، جيڪو گورنر عشرت العباد کي کڻي رات هڪ وڳي ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتو، جتان گورنر عشرت العباد سڌو نائين زيرو تي ويو، ايئرپورٽ تي سنڌ جي گورنر عشرت العباد جو ڀرپور نموني استقبال ڪيو ويو، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه گورنر سان رابطو ڪيو آهي، ايم ڪيو ايم جي گورنر ۽ وزيرن استعيفائون ڏنيون هيون جن کي اڄ تائين منظور نه ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ 5 ڏينهن اڳ صدر آصف ۽ متحده جي قائد الطاف حسين وچ ۾ ٿيل رابطي ۽ ڳالهين اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ متحده قيادت پنهنجي گورنر کي واپس چارج سنڀالڻ جي هدايت ڪئي آهي، ذريعن موجب ٻي مرحلي ۾ ايم ڪيو ايم واپس حڪومت ۾ اچي ويندي ۽ کيس 14 وزارتون سنڌ ۾ ۽ 3 وزارتون وفاق ۾ ڏنيون وينديون، جڏهن ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي حوالي سان متحده جا خدشا ختم ڪندي. حوالي سان ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ميرپورخاص ۾ متحده جا پسنديده آفيسر مقرر ڪيا ويندا ۽ متحده انهن ضلعن ۾ بااختيار هوندي. ذريعن موجب ڪرچي، حيدراباد ۽ سکر ۾ متحده ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر سندس مرضي جا رکڻ ۽ ڪراچي واٽر بورڊ جي چيئرمين شپ ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو آهي جيڪو پ پ مڃي ورتو آهي، جڏهن ته ڪمشنري نظام ۾ متحده جي خواهش موجب ترميم ڪرڻ جو به امڪان آهي. جڏهن ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ سرچاءُ ۽ گورنر جي واپسي بابت صدر آصف علي زرداري ان سرچاءُ کي ملڪ ۾ مفاهمت ۽ هم آهنگي لاءِ سٺو سنئوڻ سڏيو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سميت پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن پڻ ان قدم جي ساراهه ڪئي آهي. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته اهو قدم ملڪ ۾ هم آهنگي ۽ مفاهمت لاءِ سٺو سنئوڻ آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جي واپسي ايڪتا ۽ مفاهمت کي هٿي ڏيندي. ايم ڪيو ايم جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين ڊاڪٽر عشرت العباد کي صدر آصف علي زرداري جي خواهش تي عهدو سنڀالڻ جي هدايت ڪئي. متحده رابطا ڪميٽي جي اڳواڻ رضا هارون چيو ته گورنر عشرت العباد جي واپسي جو فيصلو ملڪ جي مفاد ۾ ٿيو آهي، سندس استعيفيٰ سبب سنڌ ۾ خال پيدا ٿي ويو هو. ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي فيصل سبزواري چيو ته صدر آصف علي زرداري ڊاڪٽر عشرت العباد کي واپس آڻڻ جي درخواست ڪئي هئي. پ پ اڳواڻ ۽ ايم اين اي نبيل گبول جو چوڻ هو ته گرينڊ الائنس گرائونڊ ۾ هليو ويو.گهرو صوبائي وزير منظور حسين وساڻ جو چوڻ هو ته امن لاءِ سٺا سٺا خواب ڏسڻ گهرجن ۽ سندس خواب سچ ثابت ٿيو آهي ۽ ڊاڪٽر عشرت العباد جي واپسي سندس خواب جي تعبير آهي. اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد چيو ته ڊاڪٽر عشرت العباد جي واپسي سان ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اسان شهر ۾ جهيڙي جي فضا نه پر امن جي فضا چاهيون ٿا ۽ اميد ته گورنر جي واپسي بعد ڪراچي ۾ امن جي فضا قائم ٿيندي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button