ايم ڪيو ايم سميت سمورين پارٽين سان مفاهمتي عمل جاري رکنداسين:شرجيل ميمڻ

Sharjeel memonڪراچي : سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ جي گورنر ۽ سندن وزيرن جون استعيفائون منظور ڪرڻ بابت اڃا تائين ڪو فيصلو نه ٿيو آهي. سندن استعيفائون منظور ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو پارٽي قيادت ڪندي ۽ پيپلز پارٽي پاران ايم ڪيو ايم سميت سمورين پارٽين سان مفاهمت وارو عمل جاري رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن پ پ پ ميڊيا سيل ۾ اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڌار صوبي جو خواب ڪجهه بيوقوف ماڻهن جو ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ ڪا به حقيقت ناهي، سنڌ ۾ ڪو به نئون صوبو نه ٺهندو. ڌار صوبي جي ڳالهه ڪندڙ احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ٻيهر حڪومت ۾ شامل ٿي ته پوءِ به سنڌ ۾ ڪمشنري نظام ۽ ضلعن جي بحالي وارا بل واپس نه ورتا ويندا ۽ سنڌ ۾ ڪمشنري نظام بحال رهندو. اطلاعات واري وزير چيو ته ڪمشنري نظام وارو قانون منظور ٿيڻ بعد هاڻي تمام جلد سڄي سنڌ ۾ ايس ڊي ايم مقرر ڪيا ويندا ۽ کين ميجسٽريٽي اختيار ڏيڻ بابت بل تمام جلد اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. اسرائيل کان ڪراچي ۾ هٿيار اچڻ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسرائيل کان هٿيار اچڻ بابت وفاقي گهرو وزير کي ئي خبر هوندي. ان بابت هو ڪجهه نه ٿو چئي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اين آر او جي ڪرمنل ڪيسن جو رڪارڊ گهرو کاتي مان گم ناهي ٿيو ۽ اهو رڪارڊ موجود آهي ۽ اين آر او جا ڪرمنل ڪيس کولڻ بابت پڻ ڪو به فيصلو ناهي ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز يونٽي جي اڳواڻ عامر شاهه جو قتل هاءِ پروفائيل قتل آهي ۽ ان قتل بابت جاچ جاري آهي ۽ تمام جلد قاتل بي نقاب ڪيا ويندا. پ پ پ ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري سعيد غني جي استعيفيٰ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سعيد غني جي استعيفيٰ منظور ڪرڻ بابت فيصلو پارٽي ڪندي پر اميد آهي ته سعيد غني پنهنجي استعيفيٰ واپس وٺي ڇڏيندو.
اي پي پي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button