ايبٽ آباد ڪميشن پاران جاچ جو دائرو وڌائڻ ۽ اعليٰ فوجي قيادت کي طلب ڪري سموري معاملي تي بريفنگ وٺڻ جو فيصلو
اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جي سربراهي ۾ ايبٽ آباد آپريشن جي جاچ ڪندڙ ڪميشن جاچ جو دائرو وسيع ڪندي اعليٰ فوجي قيادت کي طلب ڪري سموري معاملي تي بريفنگ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب ڪالهه ايبٽ آباد ڪميشن جو پهريون اجلاس اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج ۽ ڪميشن جي چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميشن جي ميمبرن ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ نديم احمد، اڳوڻي آءِ جي عباس خان، اشرف جهانگير قاضي ۽ ڪميشن جي رابطا سيڪريٽري ۽ وفاقي سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن نرگس سيٺي، شرڪت ڪئي،ان موقعي تي ڪميشن جي قاعدن ۽ ضابطن جي باضابطا طور منظوري ڏني وئي،جڏهن ته ڪميشن جي رابطا سيڪريٽري نرگس سيٺي ايبٽ آباد واقعي جي حوالي سان ٿيل جاچ ۽ لاڳاپيل رڪارڊ جي حوالي سان ڪميشن کي آگاهه ڪيو،اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪميشن باضابطا طور اجلاس ٻيهر11 جولاءِ تي طلب ڪندو،جنهن ۾ 2 مئي تي ايبٽ آباد ۾ ٿيل آمريڪي فورسز جي هڪ طرفي آپريشن ۽ القائده جي سربراهه اسامه بن لادن جي پاڪستان ۾ موجودگي جي معاملي جو جائزو ورتو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايبٽ آباد ڪميشن پنهنجي ايندڙ اجلاس ۾ ڊي جي ملٽري آپريشن سميت ٻين عسڪري عملدارن کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،جڏهن ته ڪميشن مڪمل طور تي بااختيار هوندو ۽ ان کي ڪنهن به فرد کي گهرائڻ جو اختيار هوندو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايبٽ آباد واقعي بابت جيڪڏهن ڪو به شهري پنهنجو بيان ڪميشن آڏو قلمبند ڪرائڻ چاهي ته ان کي سندس بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي اجازت ڏني ويندي، جڏهن ته ڪميشن کي ڪنهن به فرد کان سڌو سنئون انٽرويو وٺڻ جو اختيار حاصل هوندو.ضرورت پوڻ تي ڪميشن ايبٽ آباد ۾ اسامه بن لادن جي ڪمپائونڊ جو به جائزو وٺندو
مانيٽرنگ ڊيسڪ