امن جي بحالي
ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
ڪراچي ۾ دھشتگردن ۽ شرپسندن جي خلاف ڪارروائي جي شروعات ٿي چڪي آھي، رينجرز ۽ پوليس جا دستا ڪٽي پھاڙي، قصبھ ڪالوني، اورنگي ۽ ٻين متاثر ٿيل علائقن ۾ امن امان جي صورتحال بحال ڪري چڪا آھن، شرپسندن جا اھي سمورا مورچا ختم ڪيا ويا آھن، جتان ٿيندڙ لڳاتار فائرنگ سان انھن علائقن جا ھزارين معصوم ۽ بيگناھھ ٻار، عورتون، پوڙھا ۽ جوان محصور ٿي چڪا ھئا. پنجن ڏينھن دوران ڪراچي ۾ شرپسندن بنا ڪنھن فرق عام شھرين کي نشانو بڻايو، ٽارگيٽ ڪلنگ، بسن تي فائرنگ ۽ مورچن مان ھڪٻئي جي ٺڪاڻن تي حملن جي ڪري ھڪ سئو کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون. مارجي ويلن ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ اھي ماڻھو ھئا جن جو شرپسندي، دھشتگردي، نفرت ۽ تشدد جي ڪاروبار سان ڪوبھ تعلق نھ آھي. پاڪستان جي دل چورائيندڙ شھر ڪراچي ملڪ دشمن قوتن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر چُڀجي رھيو آھي، ھن ساحلي شھر جي آبادي 2 ڪروڙ مان ٽپي چڪي آھي، ھتي پاڪستان جي سمورين ثقافتن جا رنگ نظر اچن ٿا، چئني صوبن جو عڪس ھن شھر جي گھٽين ۽ بازارن ۾ آسانيءَ سان ڏسي سگھجي ٿو. پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخواھھ ۽ بلوچستان کان علاوھ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا واسي تمام وڏي تعداد ۾ ھتان رزق حاصل ڪن ٿا. ملڪ جو صنعتي مرڪز چورائيندڙ ھي شھر لکين ھنرمندن کي روزگار فراھم ڪرڻ جو ضامن بھ آھي. ملڪي برآمدات جو اڌ کان وڌيڪ حصو ڪراچي جي مرھون منت آھي، پاڪستان جي ٽيڪسن جو 60 سيڪڙو حصو ڪراچي مان حاصل ٿئي ٿو، ملڪي درآمدات جو 95 سيڪڙو حصو بھ ھن شھر جي ذريعي ممڪن ٿئي ٿو. پاڪستان جي سامونڊي حصار کي ممڪن بڻائڻ جي لاءِ ھتي پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان ايئر فورس جا مرڪز بھ آھن. روشنين جو ھي شھر وڏو غريب پرور آھي، ملڪي ٽرانسپورٽ جو اڌ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪراچي جي ڪري آھي، ان لاءِ ڪراچي ۾ نفرتن جي باھھ ڀڙڪائڻ، فرقا واريت جون چنگاريون دُکائڻ جي لاءِ پاڪستان جون دشمن قوتون ھن شھر کي ھدف بڻائن جي لاءِ ھر وقت تيار رھن ٿيون، قومن جي وچ ۾ نفرت ۽ تشدد کي ھٿي وٺرائڻ جي لاءِ ڳجھا ھٿ ۽ ٽئين قوت ھميشھ ھتي حرڪت ۾ رھي ٿي.
ڪراچي ۾ تشدد کي ھوا ڏيڻ جي لاءِ ھڪ چنگاري ڪافي سمجھي وڃي ٿي، ملڪ دشمن قوتون دھشتگردن کي ڪنھن بھ ھلندي بس تي فائرنگ جو ھدف ڏين ٿيون، ڪنھن مذھبي يا سياسي شخصيت کي قتل ڪرڻ جي لاءِ فنڊز ڏنا وڃن ٿا، جنھن کان پوءِ شھر ۾ عمل ۽ رد عمل جو اھو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو جيڪو ھڪٻئي جون جانيون کسي وٺي ٿو. ھن شھر جي سياسي قيادت ۽ ھتي وسندڙ مختلف قومن جي قيادت کي اھا ڳالھھ سمجھڻي پوندي تھ اوچتو شروع ٿيندڙ تشدد جي ان لھر ۾ اُھا ٽئين قوت ملوث ھوندي آھي جيڪا رانديڪن وانگر مذھبي پارٽين ۽ سياسي پارٽين کي عمل ۽ رد عمل جي جنگ ۾ ڌڪي ڇڏي ٿي. جڏھن ڪنھن ھڪ قوميت جا ماڻھو دھشتگردي جي ڪنھن وارڌات ۾ ماريا وڃن ٿا تھ ان کان پوءِ غصي ۽ انتقام سان ڀريل ماڻھن کي ٻئي قوميت جي ماڻھن تي حملو ڪرڻ کان روڪڻ ناممڪن ھوندو آھي. ٻي قوميت جي بيگناھھ ماڻھن جي مارجڻ کان پوءِ باقاعدا ويڙھھ جي شروعات ٿي ويندي آھي، مورچا بڻايا ويندا آھن، ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا شروع ٿي ويندا آھن. ان وٺ وٺان واري سياست ۾ ٻين شرپسندن کي بھ کُلي کيڏڻ جو موقعو ملي وڃي ٿو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران امن جي بحالي جي لاءِ ڪارواين تي بھ شڪ جو اظھار شروع ڪيو وڃي ٿو. ھي ڪراچي شھر اسان سڀني جو آھي ۽ اسان سڀني جو ان تي برابر جو حصو آھي، ھن شھر جي اڪثريتي آبادي تي ان لحاظ کان بھ وڌيڪ ذميواريون پون ٿيون ڇوتھ اُھا اڪثريت ۾ آھي. تحمل، برداشت ۽ ملڪ سان محبت جي سوچ ڪراچي ۾ امن جي بحاليءَ لاءِ تمام ضروري آھي. ڪراچي ۾ تشدد جي ھاڻوڪي لھر ۾ ڪجھھ علائقا چئن ۽ پنجن ڏينھن تائين شرپسندن جي ھٿان محصور رھيا آھن، انھن علائقن ۾ ھزارين ٻار ڳڀي، پاڻي، دوائن ۽ بنيادي واھپي وارين شين جي لاءِ ترسندا رھيا آھن. اُھي سڀ پاڪستان جا شھري، بيگناھھ ۽ معصوم ماڻھو ھئا، کين نھ ڪيل گناھن جي سزا ڏني وئي ھئي. ايم ڪيو ايم، عوامي نيشنل پارٽي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي مقامي قيادت سميت ڪراچي ۾ وسندڙ سمورين قومن جي رھنمائن کي گڏجي ويھي مسئلي جو حل ڳولڻو پوندو. شرپسندي، دھشتگردي ۽ باھيون ڏيڻ سان نقصان ڪنھن ھڪ قوم يا فرقي جي ماڻھن کي ناھي ٿيندو پر برابر طور تي سمورا پاڪستاني شھري ان جو نشانو بڻجن ٿا.