خيرپور

اسڪولن جي موڪلن جو ناجائز فائدو وٺندي بينڪ آفيسر پرائمري اسڪول سائده ڳوٺ جي پارڪ جو ن چوديواريون ڀڃي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو

Saida goathخيرپور (رپورٽ اعجاز جکڙ ) اسڪولن جي موڪلن جو ناجائز فائدو وٺندي بينڪ آفيسر پرائمري اسڪول سائده ڳوٺ جي پارڪ جو ن چوديواريون ڀڃي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ته استاد اسٽاف ڪوارٽر جا رهواسي پ پ اڳواڻ بلڊنگ کاتي جا آفيسر پوليس اهلڪار پهچي ويا قبضي واري جاءِ تي پڪٽ قائم ڪري ٻيهر اسڪول جون چوديواريون ٺاهڻ شروع ڪري ڏنيون احتجاجي مظاهرو ڪجهه پاڙي جا لوفر ۽ عياش پرست ڇوڪرا پارڪ ۾ ويهي شراب پيئندا آهن ۽ عورتون گهرائي عياشي ڪندا آهن اسڪول جو پارڪ منهنجي ڪوارٽر جي حد آهي بينڪ آفيسر. خبرموجب اسڪولن جي موڪلن جو ناجائز فائدو وٺندي نيشنل بينڪ سکر جي آفيسر گلزارکوسو جيڪو خيرپور اسٽاف ڪوارٽرن ۾ ٻئي ڪنهن مٽ مائٽ دوست يار جي نالي تي ڪوارٽر الاٽ ڪرائي هڪ سال کان رهندڙ آهي تنهن سومر جي ڏينهن سائده ڳوٺ پرائمري اسڪول جي پارڪ جون ديوارون ٽوڙي پنهنجي ديوار کڻائي پارڪ جي اڌ حصي تي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ته اسٽاف ڪوارٽرن جا سوين ماڻهو اسڪول جا استاد پ پ جا سوين ڪارڪن بلڊنگ کاتي جا آفيسر ۽ پوليس اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ڪم ڪندڙ مزدورن ۽ مسترين کي لٺيون هڻي ڀڄائي ڇڏيو بعد ۾ پنهنجا مزدور ۽ مستري وٺي پارڪ جون ٽوڙيل ڀتيون ٻيهر ٺهرائڻ شروع ڪري ڏنيون ۽ پوليس پڪٽ قائم ڪري ورتي آهي بينڪ آفيسر گلزار کوسو جي اهڙي عمل خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهري جي اڳواڻ اڳوڻو يوسي ناظم ناليوارو قانوندان ضياءُ الدين ميتلو، استاد عاشق ڇڄڙو، محمد اشرف سومرو ۽ پ پ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ مقصوده ڀٽي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا هنن چيوته گلزار کوسو کي هڪدم اسٽاف ڪوارٽر مان اٿاريو وڃي هي قبضا خور آهي جيڪو ٻارڙن جي پڙهڻ واري اسڪول ۽ پارڪ تي قبضو ڪيو آهي جڏهن ته واقعي جو اطلاع وزيراعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه صوبائي وزير گهرو کاتو منظور حسين وساڻ ايم اين اي نفيسه شاهه کي ڏنو ويو آهي جڏهن ته بينڪ آفيسر گلزار کوسو اخباروارن کي ٻڌايوته اسڪول وارو پارڪ منهنجي ڪوارٽر جي حدن ۾ آهي مان ڪوارٽر جي سرڪار کي مسواڙ ڏيندو آهيان ڪجهه پاڙي جا ڇڙواڳ ڇورا ۽ عياش پرست نوجوان پارڪ ۾ ويهي شراب پيئندا آهن ۽ عورتون وٺي اتي عياشي ڪندا آهن تنهن ڪري مان پارڪ وارو پلاٽ پنهنجي ڪوارٽر سان ملائڻ جي لاءِ ديوارون ٽوڙي نئين ديوار ڪڍي رهيو هئس جيڪو منهنجو قانوني حق آهي جڏهن ته آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button