مختصر خبرون

اسلاميا ڪاليج جي ايراضي تي قبضا مظاھرو

سکر(بيورورپورٽ)سکر جي اسلاميا ڪاليج جي ايراضي تي قبضا ،ڪاليج ۾ لساني جهيڙا ڪرائڻ جي ڪوشش ۽ شاگردن جا مسئلا حل نه ٿيڻ واري عمل خلاف ستاف پاران عرفان چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻناعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته هو نوٽيس وٺي شاگردن ۾ پکڙيل بي چيني ختم ڪن .
سکر(رپورٽر) سکر جي صالح پٽ جي ڀنڀرو برادري جي ماڻهن غلام اڪبر جي اڳواڻي ۾ سکر جي سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي مطالبو ڪيو ته کين ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن خلاف پوليس ڪردار ادا ڪري تحفظ فراهن ڪري ڇوته اهي ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن ان ڪري اسان جون زندگيون خطري ۾ آهن صالح پٽ پوليس کي جوابدارن بابت آگاهي آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button