ٺٽو

اردو چئنل پاران سنڌ جي ورهانڱي بابت پروگرام نشر ڪرڻ خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي ريلي

Suhail Waraichٺٽو(سجاد علي ميمڻ)ايس ٽي پي ٺٽو پاران هڪ اردو چئنل پاران سنڌ جي ورهانڱي بابت پروگرام نشر ڪرڻ خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي ٺٽي جي صدر غياث ميمڻ ۽ مرڪزي اڳواڻ نند لال مالهي جي اڳواڻي ۾ ٺٽو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، ڪارڪنن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جيڪي منفي سوچ رکندڙ مخصوص اردو چئنل جي خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، مظاهري کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ نند لال مالهي ۽ غياث ميمڻ چيو ته هڪ نام نهاد اردو چئنل سنڌ جي ورهاڱي بابت منفي سوچ ذريعي پروپئگنڊا شروع ڪري ڪروڙين سنڌين جي دل آزاري ڪئي آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو با شعور ۽ با همٿ آهن اهي ڪڏهن به سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه کي برداشت نه ڪندا هنن چيو ته ڪراچي سنڌ جو اڻٽٽ حصو آهي ۽ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سازش اصل ۾ سنڌ ۾ سنڌي ۽ اردو ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن وچ ۾ خوني فساد ڪرائڻ جي منصوبي جو حصو آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جا باشعور ماڻهو ڪامياب ٿيڻ نه ٿيندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button