سکر
آل سنڌ لوئر اسٽاف ايوسيئيشن ڊپارٽمينٽ سکر پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
سکر(بيورورپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود اسٽاف کي ريگيولر نه ڪرڻ واري عمل خلاف آل سنڌ لوئر اسٽاف ايوسيئيشن ڊپارٽمينٽ سکر پاران اي ڊي او تعليم سکر خلاف پرائمري مين اسڪول سکر کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي سعيد سرهندي روڊ وٽ ختم ٿي ان دوران ملازم انصاف لاءِ نعرا هڻي رهيا ها ريلي کي خطاب ڪندي محمد اياز مهر،نور احمد ابڙو ۽ ٻين ٻڌايو ته 1 3 مئي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ پاران اي ڊي او سکر پورهيتن کي مستقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو ان باوجود هن ان تي عمل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو جيڪا پڻ سراسر ڪورٽ جي حڪم جي توهين ڪئي وئي آهي هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي معامري تي سختيءَ سان نوٽيس ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو