خيرپور

ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ جو لکت ٽيسٽ ۾ 60 سيڪڙومارڪون کڻڻ وارن کي ڀرتي جو ڪو فيصلو ناھي آيو: غلام اصغر ميمڻ

EDO E Ghulam Asghar Memon1خيرپور : ايگزيڪيٽوِ ڊسٽرڪٽ آفيسر (اي ڊي او) ايجوڪيشن خيرپور غلام اصغر ميمڻ ميڊيا ۾ پرائمري ماسترن جي ڀرتي جي حوالي سان هاءِڪورٽ جي فيصلي کي اخبارن ۾ غلط انداز ۾ پيش ڪرڻ جي حوالي سان نوٽيس وٺندي وضاحت ڪئي آهي ته هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جو ڪوبه اهڙو فيصلو نه آيو آهي جنهن ۾ اهو ڄاڻيل هجي ته پرائمري ماستري جي صرف لکت ٽيسٽ ۾ 60 سيڪڙومارڪون کڻڻ وارن اُميدوارن کي نوڪري جا آرڊر ڏنا وڃن. جڏهن ته ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ انهن اُميدوار جن سنڌ يونيورسٽي پاران پرائمري ماستري جي لکت ٽيسٽ پاس ٿيڻ کانپوءِ سندن سرٽيفڪيٽس جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ ٽيسٽ جي مارڪن ۽ سندن ڪواليفڪيشن جي مارڪن جي بنياد تي ضلعي سطح تائين ميرٽ لسٽ ۾ اچن ٿا تن کي پرائمري ماستري جي ڀرتي پاليسي 2008 تحت نوڪرين جا آرڊر ڏنا پيا وڃن. جڏهن ته صرف لکت ٽيسٽ ۾ 60 سيڪڙو يا ان کان مٿي مارڪون کڻندڙن نوڪرين جا آرڊر ڏيڻ ڪورٽ جي فيصلي جي انحرافي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button