خبرون

گھوٽڪي ۾ مالي سال 12 – 2011 جي بچت واري بجيٽ پيش ڪئي وئي

DCO GHOTKIگهوٽڪي: ايڊمنسٽريٽر / ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي ڪاميٽي روم ميرپور ماٿيلو ۾ ضلعي گهوٽڪي جي مالي سال 12 – 2011 جي بچت واري بجيٽ 3417.197 ملين پيش ڪئي. هن بجيٽ ۾ پگهارن لاءِ 206.05 ملين، نان سيلري 616.310 ملين ۽ اي ڊي پي 740.06 ملين رکيل آهن. ان موقعي تي هن ٻڌايو ته مالي سال 12-2011 واري بجيٽ ۾ تعليمي ادارن کي فرنيچر مهيا ڪرڻ لاءِ 5 ملين رکيا ويا آهن جڏهن ته سائنس ۽ راندين جي سامان لاءِ پڻ فنڊ رکيا ويا آهن. جڏهن ته سال 2011.12 لاءِ 394 ٽينچنگ اسٽاف جون نيون جايون منظور ڪرايون آهن جن جي پگهارن لاءِ به فنڊ رکيو ويو آهي، ان کان علاوه تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ 3 هائير سيڪنڊري اسڪول، 4 هاءِ اسڪول ۽ 24 مڊل اسڪول منظور ڪراييا ويا آهن ۽ غريب شاگردن جي مالي سهائتا لاءِ اسڪالرشپ ڏيڻ جي مد ۾ 5 ملين فنڊ رکيو ويو آهي ۽ ميرٽ اسڪالرشپ جي مد ۾ به 5 ملين رکيا ويا آهن جڏهن ته فوتي ملازمن جي وارثن جي مالي مدد لاءِ 13 ملين فنڊ رکيو ويو آهي. ان کان علاوه بجيٽ ۾ راندين ۽ ثقافت لاءِ 4 ملين رقم مختص ڪئي وئي آهي. بجيٽ تقرير ڪندي ڊي سي او ٻڌايو ته مالي سال 12-2011 جي بجيٽ 740 ملين جون 629 ترقياتي اسڪيمون رکيون ويون آهن جڏهن ته سالياني ترقياتي پروگرام تحت (هلندڙ اسڪيمن لاءِ) 42 ڪروڙ 77 لک 70 هزار رکيا ويا آهن ۽ ان پروگرام تحت نئين اسڪيمن لاءِ 25 ڪروڙ 12 لک 70 هزار رکيا آهن جن کي انشاءُ الله وقت سر پورو ڪرائينداسون اهڙي طرح سي سي بي جي اسڪيمن لاءِ 61 ملين رکيا ويا آهن. غريب مريضن جي علاج لاءِ 1 ملين جو فنڊ رکيو ويو آهي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ 2 ملين فنڊ رکيا آهن. جڏهن ته ضلعي حڪومت جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو منارٽي جي فلاح ۽ بهبود لاءِ 2.5 ملين رقم رکي آهي. جڏهن ته دوائن وغيره لاءِ 288.6 ملين پڻ رکيا ويا آهن جيئن غريب ماڻهن کي مفت علاج فراهم ڪري دوائون ڏنيون وڃن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ملڪ جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ زراعت جو شعبو انتهائي اهميت جوڳو آهي تنهنڪري زراعت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ مالي سال 12-2011 جي بجيٽ ۾ 3.2 ملين فنڊ رکيو ويو آهي ۽ ماحول کي خوشگوار ڪرڻ لاءِ ٻيلن ۽ وڻڪاري جي مد ۾ 9 ملين روپيا رکيا ويا آهن. جڏهن ته ڪيش ايوارڊ ڏيڻ لاءِ 10 ملين فنڊ رکيو ويو آهي اهڙي طرح سيڪيورٽي ميئرس بابت رقم رکي وئي آهي ۽ عوام جي اچڻ وڃڻ واري هنڌن تي (سي سي ٽي وي) ڪئميرائون نصب ڪرايون وينديون ان کان علاوه ضلعي جي صحافين جي فلاح و بهبود لاءِ ۽ پريس ڪلبن لاءِ 5 لک روپيه مختص ڪيا ويا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button