آرٽيڪل

گرينڊ الائينس

ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
پاڪستان ۾ حڪومت جي خلاف گرينڊ الائينس جو قيام ڪا حيرت واري ڳالھھ نھ آھي پر ھڪ سياسي روايت بڻجي چڪي آھي. عام طور تي گرينڊ الائينس طاقتور ڳجھن ھٿن جي زور تي بڻجندي ھئي، جنھن ۾ وقت جي حڪومت خلاف سمورين سياسي قوتن کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ويندو ھو، حڪومت جي خاتمي کان پوءِ يا تھ عام چونڊون ٿينديون ھيون يا پوءِ گرينڊ الائينس جي پويان ڪار فرما قوتون پاڻ اقتدار سنڀالي وٺنديون ھيون. ائين ھڪ ڀيرو ناھي ٿيو ڪئين ڀيرا ٿيو آھي. پاڪستان جي سياسي قوتن کي سڀ ڪجھھ سمجھھ ۾ اچي ٿو پر اھا ڳالھھ سمجھھ ۾ نھ ٿي اچي تھ ھو غير جمھوري طريقا اختيار ڪري ان شاخ کي ڇو ڪٽيندا آھن جنھن تي خود انھن جو آکيرو ھوندو آھي، ميثاق جمھوريت ھڪ اھڙو دستاويز آھي جنھن تي اڄ بھ عمل ڪيو وڃي تھ ملڪ جا گھڻا مسئلا حل ڪري سگھجن ٿا. آپوزيشن جو حڪومت جي خلاف گرينڊ الائينس اخلاقي ضابطن جي مطابق ان لاءِ نھ ٿو چئي سگھجي جو ڪالھھ تائين ايم ڪيو ايم ۽ نون ليگ ۾ شديد محاذ آرائي ھئي، قومي اسيمبلي ۾ چوڌري نثار علي خان جيڪڏھن ايم ڪيو ايم جي سربراھھ الطاف حسين کي مُڏي ڏاٽي سان لڻندي کيس غير ملڪي شخصيت قرار ڏئي پيو ۽ پاڪستان گھرائي سندس خلاف ڪارروائي جا مطالبا ڪري پيو تھ ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم جا رھنماءُ نھ صرف پارليامينٽ ۾ پر پارليامينٽ ٻاھران بھ ميڊيا سان ڳالھين ۾ ڏند چٻيندي نون ليگ ۽ سندس اعليٰ قيادت کي گھٽ وڌ چوندا رھيا، نون ليگ جي قيادت 21 مئي جي واقعن جي حوالي سان جيڪي پوزيشن اختيار ڪئي ھئي اھا ظاھري طور تي اصولي پوزيشن لڳي پئي، نون ليگ جو چوڻ ھو تھ 21 مئي تي چيف جسٽس جو رستو روڪڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي زور تي ڪراچي ۾ سياسي پارٽين جو رستو روڪيو رتوڇاڻ ۽ تشدد ۾ .4 کان وڌيڪ جانيون ويون، ان وقت پاڪستان پيپلزپارٽي جي طرفان اھو موقف اختيار ڪيو ويو ھو تھ سياسي قوتن کي گڏ ٿيڻ گھرجي، ماضي جي داستانن جھڙن سورن ڀريل گيتن ڳائڻ جي بدران قومي اتفاق راءِ جي ذريعي جمھوريت جي استحڪام جا ھدف حاصل ڪرڻ گھرجن. شھيد راڻي محترمھ بينظير ڀٽو ۽ صدر مملڪت آصف علي زرداري سميت پاڪستان پيپلزپارٽي جي سموري اعليٰ قيادت قومي اتفاق راءِ جي جنھن پاليسي تي عمل پيرا ھئي ڪڏھن ان تي نون ليگ بھ حامي ڀري ھئي، موجودھھ حڪومت جي جوڙجڪ وقت نون ليگ وفاقي ڪابينا ۾ شامل ھئي ۽ ايم ڪيو ايم بھ پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪز ۽ صوبي ۾ حليف ھئي جيڪڏھن سياست ۾ اصول جي ڳالھھ ڪئي وڃي تھ ان وقت اھو اصول ڪٿي ھو جڏھن نون ليگ وفاقي ڪابينا ۾ اھم ترين وزارتون حاصل ڪري ورتيون ھيون ۽ جمھوريت جي استحڪام جا واعدا ڪيا ھئا.
جمعيت علماءِ اسلام اصولن جي بنياد تي ڪالھھ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو ساڄو ھٿ ھئي. خيبر پختونخواھھ ۽ بلوچستان ۾ صوبائي حڪومت جو حصو بڻجي اڳوڻي صدر جا ھٿ مضبوط ڪيا ويندا ھئا ۽ ٻئي پاسي وفاق ۾ قائد حزب اختلاف جو عھدو بھ ھٿ ۾ ھو. عام چونڊن کان پوءِ پاڪستان پيپلزپارٽي قومي اتفاق راءِ جي پاليسي تحت جڏھن ايم ڪيو ايم، نون ليگ ۽ ٻين سياسي پارٽين ڏانھن ھٿ وڌايو تھ ان وقت جمعيت علماءِ اسلام کي بھ آڇيو ويو، پاور پاليٽڪس جي مرڪزي خيال جو اعجاز ھو جو جمعيت علماءِ اسلام حڪومت جو وڌايل ھٿ اڳتي وڌي ٿامي ورتو ۽ مرڪز ۾ اھم وزارتون سنڀالي ورتيون. حڪومت سان ڪجھھ معاملن تي جڏھن منھن کٽائي ٿي تھ پنھنجي ھڪ وزير جي فراغت جو بھانو بڻائيندي حڪومت کان علحدگي اختيار ڪري ورتي. اڄ نون ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي اتحاد جي ذريعي گرينڊ الائينس جي جنھن تصور کي سياست جي منڊي ۾ وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ان جو اصولن ۽ اخلاقيات سان ڪوبھ تعلق نھ آھي، محض بغض معاويا آھي حُبِ علي ناھي. نون ليگ ايم ڪيو ايم کي گرينڊ آپوزيشن ۾ شموليت جي لاءِ غير مشروط پيشڪش ڪري رھي آھي پر ڪالھھ تائين ايم ڪيو ايم کي ملڪ جي سلامتي جي لاءِ تمام وڏو خطرو قرار ڏنو پئي ويو ۽ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ڪراچي کي ايم ڪيو ايم ھٿان ڇڏائڻ جي عزم جو اظھار بھ ڪيو پئي ويو. اڄ محض حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ گرينڊ الائينس بڻائڻ جون ڳالھيون ڪيون پيون وڃن، عوام جي مسئلن جي حل ڏانھن ڌيان نھ پيو ڏنو وڃي، دھشتگردي جي خلاف جنگ ۽ ملڪي معيشت کي درپيش بحرانن جي ڪري ڪافي ڪجھھ داءُ تي لڳل آھي پر پاڪستان جا سياستدان اڄ وري جوتن ۾ دال ونڊڻ لاءِ تيار ٿي چڪا آھن. ميثاق جمھوريت جي ان واعدي کي وسارڻ جي لاءِ تيار نظر اچي رھيا آھن، جنھن ۾ چيو ويو ھو تھ عوام جي ڏنل مينڊيٽ جو احترام ڪيو ويندو ۽ ڪنھن بھ چونڊيل حڪومت کي غير جمھوري طريقا اختيار ڪري ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش نھ ڪئي ويندي. ان سموري راند ۾ ھڪ ڳالھھ واضح طور تي کلي سامھون اچي چڪي آھي تھ ماضي ۾ جيڪي قوتون گرينڊ الائينس بڻائينديون ھيون اھي ھاڻي پوئتي ھٽي چڪيون آھن ۽ پنھنجن اصل فرضن جي ادائيگي لاءِ پُرعزم آھن. ڪو ڏينھن ايندو ايم ڪيو ايم سان معاملا حل ٿي ويندا، آزاد ڪشمير جي ڪراچي ۾ ٻن سيٽن تي ضمني چونڊن کان پوءِ گرينڊ الائينس جي ڦوڪڻي مان ھوا نڪري ويندي ۽ ھونءُ بھ جڏھن ڪا سياسي حڪومت چار بجيٽ پيش ڪري چڪي ھجي تھ ان کي پنجين بجيٽ پيش ڪرڻي ئي ھوندي آھي ۽ ھاڻي جڏھن تھ حڪومت جي آئيني مدي ۾ ڏيڍ سال باقي آھي بقول وزيراعظم نئين چونڊن جي تياري ڪرڻ گھرجي نھ ئي مڊٽرم چونڊن جو راڳ ڳائڻ گھرجي…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button