خيرپور

گذريل مهيني دوران پوليس مختلف ڪارواين ۾ 29 ڌاڙيل 343 روپوش ۽ 41 اشتهاري ملزم گرفتار ڪياويا

خيرپور: ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) خيرپور عرفان بلوچ ضلعي پوليس خيرپور جي جون مهيني جي ڪارڪردگي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته گذريل مهيني دوران پوليس مختلف ڪارواين ۾ 29 ڌاڙيل 343 روپوش ۽ 41 اشتهاري ملزم گرفتار ڪيا آهن. ضلعي پوليس سربراه ڪارڪردگي رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته گذريل مهيني ۾ پوليس مختلف علائقن ۾ ڏهارين خلاف ڪاروايون ڪندي 05 ڪلاشنڪووز، 15 بندوقون، 25 پسٽل، 01 رائيفل، 03 ريوالور ، 3 ڪيربين، 43 ڪارتوس ۽ 125 گولين جا رائونڊ (کول) پڻ هٿ ڪيا آهن. جڏهن ته ضلعي پوليس مختلف ڪارواين ۾ 13 ڪلو 670 گرام چرس، 11 ڪلو 800 گرام ڀنگ، 30 گرام هيروئين ۽ ڏيڊ ليٽر شراب جون ٻه بوتلون پڻ هٿ ڪيون آهن. ان کانسواءِ پوليس بچاءُ جا قدم کڻندي 05 پاٿاريدارن کي پڻ گرفتار ڪيو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button