سکر
ڪچي آبادين کي پڪو ڪرڻ جو فيصلو، روينيو عملدارن کان فهرستون طلب
سکر(بيورورپورٽ)سکر سميت اندرون سنڌ ڪچي آبادين کي پڪو ڪرڻ جو فيصلو، روينيو عملدارن کان فهرستون طلب، خبر موجب سنڌ حڪومت سکر، شڪارپور، خيرپور، گهوٽڪي سميت اندرون سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ واقع ڪچي آباديون جيڪي روينيو کاتي جي ايراضي ۾ واقع آهن انهن کي پڪو ڪرڻ ۽ اتان جي رهائشين کي مالڪاڻه حق ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ذريعن مطابق ايندڙ مهيني ان حوالي سان باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ روينيو کاتي جي عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته پنهنجن پنهنجن ضلعن ۽ ايريا ۾ واقع اهڙيون ڪچيون آبادين جون فهرستون جاري ڪيو وڃي ۽ انهن آبادين جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ رقم مختص ڪئي وڃي حڪومت جي انهن هدايتن جي روشني ۾ روينيو آفيسر ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ فهرستن جي تياري جو ڪم زور ۽ شور سان جاري آهي.