لاڙڪاڻو

ڪراچي جي امن تباهه ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو:منظور وساڻ

لاڙڪاڻو: گهرو صوبائي وزير منظور حسين وساڻ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان پيار محبت ۽ باهمي تعاون سان امن قائم ڪرڻ چاهيون ٿا،هن چيو ته مونکي 2 ڏينهن ٿيا آهن ته مان ڪچي پهاڙي،قصبه ڪالوني،ڪڇي پاڙي ۽ ٻين علائقن ۾ ويو آهيان ۽ 2 ڏينهن ۾ ڏٺو وڃي ته گهڻي حد تائين امن بحال ٿي ويو آهي،اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته هر حالت ۾ امن امان بحال ڪري گڙٻڙ ڦهلائيندڙ عناصرن خلاف ڪاروائي ڪري قانون جي پڪڙ ۾ آڻيون،هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان مفاهمتي پاليسي اختيار ڪئي آهي ۽ ان تحت امن بحال ڪنداسين ۽ جيڪي ڌريون تعاون ڪنديون انهن کي گڏ کڻي هلنداسين،ڪراچي 0 4 ملين ماڻهن جو شهر آهي جنهن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون ويون آهن،هن چيو ته دهشتگردن ۽ گڙٻڙ ڦهلائيندڙن خلاف ڪاروائي ڪري 7 5 1 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽باقي رهجي ويلن خلاف ڪاروائي ٿي رهي آهي،هن چيو ته اسان سڀني سياسي پارٽين سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون ۽ چاهيون ٿا ته جمهوري عمل کي اڳتي وڌايون ته جئين امن واري فضا قائم ٿئي ۽ سازشي عناصرن کي منهن ڏئي سگهون،هن چيو ته ڪمشنري نظام شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خواهش هئي جنهن کي پائيه تڪميل تائين پهچايو ويو آهي جنهن کي ڪراچي ،حيدرآباد سميت سنڌ جي ٽوڙيل ضلعن کي پنهنجي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو ويو آهي جنهن سان بهتري ايندي ۽ هي نظام عوام جي مسئلن جي حل ۾ ڪارائتو ثابت ٿيندو،ڇاڪاڻ ته ٻين صوبن ۾ به اهو نظام رائج آهي ۽ اتي ڪمشنري نظام هلي رهيو آهي،هن چيو ته جيڪي ڪراچيءَ سميت سنڌ جو امن تباهه ڪنديون انهن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. منهنجي ترجيح ڪراچي سميت اندروني سنڌ اندر امن قائم ڪرڻ آهي. مان جڏهن کان قلمدارن سنڀاليو آهي ان 3 ڏينهن اندر ڪراچي جون حالتون بهتري طرف اچي ويون آهن. هن چيو ته 137 دهشتگرد گرفتار ڪيا آهن، جن جو سياسي جماعتن سان تعلق آهي، هن چيو ته امن ڪاميٽي ماضي ۾ ختم ٿي چڪي آهي. هن چيو ته حيدرآباد کي پراڻي شڪل ۾ بحال ڪرڻ، مشرف جو پوليس آرڊيننس ۽ پراڻو 79 وارو مڪاني نظام بحال ڪرڻ شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو، جنهن کي ساڀيان ڏني آهي. هن چيو ته مان توهان جي راءِ سان متفق آهيان ته بيروزگاري آهي، مهانگائي آهي، امن امان خراب آهي، پر مان پيار جي لٺ سان امن امان ڪرائڻ چاهيان ٿو. هوڏانهن گهرو وزير منظور وساڻ ڪراچي ۾ ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جي حالتن کي خراب ڪرڻ ۾ لينڊ مافيا ۽ ڊرگ مافيا به ملوث آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جي استعيفائن کي منظور ڪرڻ اسان کي ڪا تڪڙ ناهي، اسان سندن ناراضگي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، هن چيو صوبي ۾ جيڪو به پوليس آفيسر غفلت ڪندو ان کي فوري معطل ڪيو ويندو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button